ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
حڪومت قرض لاءِ باقائده طور درخواست ڏئي ڇڏي، آءِ ايم ايف جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو

جڪارتا/واشنگٽن (م ڊ) آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوا انڊونيشيا جي ٻيٽ بالي ۾ آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لاگارڊ سان ملاقات ڪري باقائده طور تي قرض لاءِ درخواست ڏني. آئي ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽين لاگارڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستان مالي امداد لاءِ باقائدو طور درخواست ڏني آهي، جنهن لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، پاڪستاني عملدارن سان قرض جي حجم بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هوڏانهن آءِ ايم ايف جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو  آهي ته پاڪستان وڌندڙ ۽ ڪرندڙ معيشت جي مسئلي ۾ ڦاٿل آهي، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو اڪيلو ملڪ آهي جنهن جا رستا محدود ۽ خرچ تمام گهڻو آهن،  معيش جي حالت ڳڻتي جوڳي نه پر تمام نازڪ آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال ٻن ورهين تائين نازڪ رهندي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ ڪمزور معاشي ۽ ترقي ۽ غربت کي خراب معيشت جا سبب قرار ڏيندي چيو ويو  آهي ته ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ مشڪل هوندو. رپورٽ ۾ تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان کي ترقي لاءِ خساري کي پائيدار بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي معاشي تجزيڪارن موجب موجوده حالتن ۾ حڪومت نه چاهيندي به قرض وٺڻو پوندو، جيڪو ممڪنا طور تي 7 کان 9 ارب ڊالرن تائين ٿي سگھي ٿو. پاڪستان آخري ڀيرو 2013ع ۾ آ ايم ايف کان 6 ارب 60 ڪروڙ ڊالر قرض ورتو هو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ کان اڳ پاڪستان تي مختلف شرطون لڳائي سگھي ٿو، جن ۾ خساري ۾ ٻڏل سرڪاري ادارن جي نجڪاري، جاري کاتن جو خسارو گھٽ ڪرڻ، گردشي خسارن جي خاتمي لاءِ بجلي ۽ گيس جي اگھن ۾ واڌ، درآمد ۾ گھٽتائي، سود جي شرح ۾ واڌ، روپئي جي قدر ۾ لاٿ ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ شامل آهن.