ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
هالي ووڊ بعد بالي ووڊ ۾ به جنسي حراسان خلاف شروع ٿيل مهم مي ٽو زور

ممبئي(ڪلچرل نيوز) هالي ووڊ بعد بالي ووڊ ۾ به جنسي حراسان خلاف شروع ٿيل مهم مي ٽو زور پڪڙي وئي آهي، مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان بائيوپڪ فلم موگل ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي اهم وجهه ڊائريڪٽر سڀاش ڪپور تي جنسي حراسان ڪرڻ جا الزام آهن. عامر خان جاري ڪيل پيغام چيو آهي ته ٻه هفته اڳ جڏهن مي ٽو واريون ڪهاڻيون سامهون آيون ته انهن اسان جو توجهه ڇڪرائي، هاڻي اسان کي خبر پئي ته جنهن سان گڏ ڪم ڪرڻ وڃون پيا، ان تي جنسي حراسان ڪرڻ جو الزام آهي ۽ هي ڪيس عدالت ٻڌڻي هيٺ آهي. جيستائين عدالت جو فيصلو نه ٿو اچي تيستائين فلم کان ڪناره ڪشي ڪنداسين.