ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
ڪرپٽ حڪمرانن ۽ سياسي اڳواڻن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون آهن: مرزا

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي جسٽس خادم حسين شيخ جي سنگل بينچ ۾بدين جي رهواسي امتياز علي پاران وڪيل شمس الدين خشڪ معرفت اڳوڻي سنڌ جي صوبائي وزير داخله ذوالفقار مرزا ۽ ايس ايس پي بدين ۽ ٻين ڌرين خلاف ڌمڪائڻ جي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ذوالفقار مرزا  پنهنجي پٽ ايم پي اي حسنين مرزا ۽ وڪيلن ۽ ساٿين سان عدالت ۾ پيش ٿيو،جڏهن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻين ڌرين جي نه اچڻ تي عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 29 آڪٽومبر تي رکي ڇڏي.صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ذوالفقار مرزا چيو ته وفاقي حڪومت پاران ڪرپٽ حڪمرانن ۽ سياسي اڳواڻن خلاف ڪاروايون تعريف جوڳو عمل آهي ان کي اڃا اڃا ڪيو  وڃي.سنڌ ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڦريون ۽ لٽيو نعري تحت حڪومت ڪري کربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي.موجوده وفاقي حڪومت کي لٽيل ڦريل ملڪ مليو آهي تنهن ڪري حالات کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪڙا فيصله ڪرڻا پوندا بهتري ۾ ڪجهه ٽائيم لڳندو،هن چيو ته اسان پاڻ غير محفوظ آهيون اسان ڪنهن کي ڇا ڌمڪائينداسين.