ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
اسحاق ڊار جي ملڪيت نيلام ڪرڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملڪيت جي نيلامي بئنڪ اڪائونٽ قبضي ۾ وٺڻ بابت اڳڀرائي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي. احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب ريفرنس ۾ عدالت جي روبرو پيش نه ٿيڻ تي اسحاق ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ حڪم ڏنو هو. جاچ آفيسر نادر عباس اثاثا ضبط ڪرڻ بابت رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ٻڌايو ويو آهي ته نيب اسحاق ڊار جي اڪائونٽن ۽ ان ۾ رقم جا تفصيل پنجاب حڪومت کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن، عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسحاق ڊار ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسحاق ڊار ۽ سندس ڪمپني جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ 50 ڪروڙ 83 لک کان وڌيڪ رقم موجود آهي ۽ اها رقم صوبائي حڪومت جي حراست ۾ ڏني وئي . جاچ آفيسر رپورٽ ۾ ٻڌايو ته اسحاق ڊار جو گلبرگ 3 لاهور وارو گهر صوبائي حڪومت جي قبضي ۾ ڏنو ويو آهي پر موضح ملوٽ اسلام اباد ۾ 6 ايڪڙن ايراضي ڪيس جي جاچ کان اڳ وڪرو ٿي چڪي هئي. رپورٽ موجب اسحاق ڊار جي هڪ هائوسنگ سوسائٽي ۾ ٽه پلاٽ پڻ 2017۾ عدالتي حڪم تي ضبط ڪيا ويا هئا. رپورٽ موجب  اسحاق ڊار جي گاڏيون حراست ۾ وٺڻ لاءِ  سندس رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو ويو پر اسحاق ڊار جي رهائشگاهه تي گاڏيون موجود نه هيون.