ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
خواجه سعد رفيق، ثناءُ الله زهري، منظور وساڻ، نواب وساڻ، منظور وٽو، انوشا رحمان ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سنڌ جي اڳوڻي وزير منظور وساڻ، نواب وساڻ، اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري، منظور وٽو، اسحاق ڊار، انوشه رحمان، تعلقي ڳڙهي خيرو جي ايڊمنسٽريٽر عبدالحميد پٺاڻ، ٽي ايم اي ڳڙهي خيرو جي انجنيئر شهزاده کوکر، سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن جي اڳوڻي چيف انجنيئر احمد جنيد ميمڻ، سعيد احمد، امجد احمد، سيد حسنين حيدر، شهزاد علي، سردار محمد اشرف، ڊي بلوچ اينڊ ڪمپني جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ انڪوائري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ 9 انڪوائريون داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن ۾ ريلوي جي اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري، ڊپٽي آڊيٽر جنرل غلام محمد ميمڻ، صنعت ۽ پيداوار واري اڳوڻي وفاقي وزير منظور احمد وٽو، صنعت جي اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ، اڳوڻي ايم اين اي نواب علي وساڻ، افتخار گيلاني ۽ احتساب ڪميشن خيبرپختونخواهه جي آفيسرن خلاف انڪوائريون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته 22 انويسٽيگيشنز جي منطوري ڏني وئي آهي جنهن ۾ اسحاق ڊار، انوشه رحمان، پي ٽي اي جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر اسماعيل شاهه، عبدالصمد، پي ٽي اي جي اڳوڻي ميمبر طارق سلطان، رضوان احمد، امجد مصطفيٰ ملڪ، وسيم طارق جڏهن ته ان کانسواءِ خواجه سعد رفيق، سلمان رفيق، نديم ضياءَ، قيصر امين بٽ، پيراگون سٽي لاهور جي انتظاميا، سي ڊي اي جي اڳوڻي چيئرمين ڪامران لاشاري، ڪامران علي خان قريشي، شوڪت علي مهمند، اسد منير، مظهر حسين، معين الدين ڪاڪاخيل، غلام سرور سنڌو، مينر جيلاني، محمد حسين سميت ميسرز هاون شاهه گروپ جي راجا محمد زرات خان ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته ان کانسواءِ حافظ محمد نعمان، لاهور پارڪنگ لميٽيڊ ڪمپني جي اڳوڻي چيئرمين، ساڳئي ڪمپني جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو تاثير احمد ۽ چيف فنانشل آفيسر عثمان قيوم جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، مٿن قومي ناڻي کي 80 ملين رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي جڏهن ته نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ سنڌ جي اڳوڻي آر اينڊ ايس جي سيڪريٽري گل حسن چنا، بورڊ آف روينيو سنڌ جي ميمبر افتخار احمد، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو اڳوڻو ايم ڊي جڏهن ته سيد عمر احمد، سرفراز مرچنٽ، شاهد رسول، سيد محمد مجتبيٰ، مرزا افضل بيگ، اويس مرزا ۽ فريد ثريا جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، مٿن پنهنجا اختيار ناجائز طريقي سان استعمال ڪندي 769 ايڪڙ سرڪاري زمين من پسند ماڻهن کي ڏيڻ جو الزام آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 48 ڪروڙ 40 لک رپين جو نقصان پهتو جڏهن ته ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نعيم يحييٰ مير، پي ايس او جي اڳوڻي سينيئر جنرل مئنيجر سيد نذير احمد زيدي، اڳوڻي سينيئر جنرل مئنيجر ذوالفقار علي جعفري، اختر ظهير، صابر حسين، ڪامران افتخار جڏهن ته بائيڪو جي چيف آپريٽنگ آفيسر سميت عامر عباسي، قيصر جمال ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، مٿن 23 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي جڏهن ته ايگزيڪيوٽو بورڊ تعلقي ڳڙهي خيرو ڊسٽرڪٽ جيڪب آباد جي ايڊمنسٽريٽر عبدالحميد پٺاڻ، ٽي ايم اي ڳڙهي خيرو جي انجنيئر شهزاده کوکر ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي مٿن قومي ناڻي کي 20 ڪروڙ رپيا نقصان پهچائڻ جو الزام آهي جڏهن ته ايگزيڪيوٽو اجلاس سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن جي اڳوڻي چيف انجنيئر احمد جنيد ميمڻ، سعيد احمد، امجد احمد، سيد حسنين حيدر، شهزاد علي، سردار محمد اشرف، ڊي بلوچ اينڊ ڪمپني جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، مٿن شهيد بينظير آباد ضلعي جي آبپاشي کاتي جي سرڪاري زمين وسيلي قومي ناڻي کي اٽڪل 66 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي جڏهن ته نيب واپار واري اڳوڻي وفاقي وزير محمد شهزاد ارباب، عمران احمد چوڌري، ايڪسپورٽ پاليسي ايف بي آر جي اڳوڻي سيڪريٽري، پشاور ۽ فاٽا جي ڪليئرنگ ايجنٽن جي خلاف انڪوائريون بند ڪندي واپس واپار واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن.