ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس ۾ شرڪت لاءِ شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. نيب آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪيم ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي گرفتار ڪيو آهي ۽ هو جسماني رمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ آهي. ن ليگ شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لاءِ اسپيڪر اسد قيصر جي گهر وڃي وٽس ريڪوزيشن جمع ڪرائي هئي ۽ اپوزيشن ليڊر جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو هو. قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر ن ليگ صدر شهباز شريف جي اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن اهو فيصلو ڪارروائي ۽ طريقي ڪار تحت ڪيو، قاعدن تحت اسپيڪر حراست هيٺ ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي اجلاس ۾ طلب ڪري سگهي ٿو. پروڊڪشن آرڊر ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر ضروري ٿو سمجهي ته اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر جي شرڪت لازمي آهي، ان لاءِ کيس طلب ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري سندس حاضري يقيني بڻائي وڃي ۽ جڏهن اجلاس ختم ٿئي ته نيب کيس ٻيهر تحويل ۾ وٺي سگهي ٿو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي.