ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
مشاهد الله خان پي آءِ اي ۾ پنهنجو خاندان ڀرتي ڪرائي اداري جو ٻيڙو ٻوڙيو:فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مشاهد الله خان پي آءِ اي ۾ پنهنجو خاندان ڀرتي ڪرائي ان جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، ڪهڙي ڳالهه تي معذرت ڪريان، مخالف ڌر کي حوصلي سان اسان جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، بيورو ڪريسي کي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي، اليڪشن ڪميشن آءِ جي پنجاب جي بدلي جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني طور روڪيو آهي سينيٽ ۾ سوالن واري وقفي دوران فواد چوڌري جواب ڏيڻ جي لاءِ اٿيو ته مخالف ڌر ان کان معذرت جو مطالبو ڪيو ان دوران ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته ڇا مشاهد الله خان جا ڀاءُ پي آءِ اي ۾ ملازم ناهن رهيا، هن پنهنجي پرڏيهي ملڪ علاج جي لاءِ 54 هزار پائونڊ نه ورتا، هن چيو ته اسان اپوزيشن جي ڳالهه حوصلي سان ٻڌي آهي، اپوزيشن کي به اسان کي ڳالهه حوصلي سان ٻڌڻ گهرجي، خورشيد شاهه جي ڪابينا ڪميٽي وڏي تعداد ۾ سرڪاري ملازمن کي 1996ع کان بحال ڪيو، پي آءِ اي، پاڪستان اسٽيل ملز، پي ٽي وي، ريڊيو جهڙا ادارا خساري ۾ وڃي رهيا آهن، آئون انهن الزامن تي مشاهد الله خان ۽ خورشيد شاهه کا معذرت نه ڪندس پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته حڪومت مخالف ڌر کي سموريون سهولتون ڏئي رهي آهي پر مخالف ڌر چاهي ٿي ته هڪ يونين ٺاهي وڃي ۽ هڪ ٻئي جي چورين جو تحفظ ڪيو وڃي، اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪنداسين، هن چيو ته مخالف ڌر جي جمهوريت جو مطلب آهي ته سڀ چور پاڻ ۾ گڏجي وڃن، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان چونڊن کان اڳ عوام سان واعدو ڪيو هو ته هو چورن جو احتساب ڪندو، ان لاءِ انهن جو احتساب جاري رهندو، ڀلي ڪنهن کي سٺو لڳي يا برو، عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته ماڊل ٽائون سانحلي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي لاءِ پنجاب جي وڏي وزير آءِ جي پنجاب کي ڪارروائي جو چيو هو، جنهن تي 10 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود آءِ جي پنجاب عمل نه ڪيو، هن چيو ته اليڪشن ڪيمشن آءِ جي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني طور تي روڪيو آهي، بيوروڪريسي کي عوامي نمائندگي جو احترام ڪرڻو پوندو، ملڪ جي اندر معاشي بحران جاري آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته گذريل 10 سالن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن ڪنهن ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ناصر دراني پنهنجي استعيفيٰ صحت جي خرابي جي بنياد تي ڏني آهي، بيوروڪريسي سمجهي رهي آهي ته ملڪ اسان کي هلائڻو آهي پر عوام اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، ڪنهن ٻئي کي مينڊيٽ ناهي ڏنو، وزيرن کي پورو حق آهي ته اهي پنهنجي مرضي جي آفيسرن جي چونڊ ڪن جڏهن ته حڪومت کي به حق حاصل آهي ته اها ايڊمنسٽريٽر لڳائي. هن چيو ته ايران ۽ چين جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن پر اسان کي پنهنجي مفادن کي کڻي اڳتي کڻي هلڻو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي حڪومت ناهي پڪڙيو پر قومي احتساب بيورو گرفتار ڪيو آهي، اها ئي ان کي ڇڏي سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته قبضن جي خلاف آپريشن دوران هزارين ڪينال جڳهه آزاد ڪرائي وئي آهي، ان کي هاڻي گهر اسڪيم جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان 50 لک گهرن جي تعمير جي حوالي سان هڪ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو خوش آئنده آهي. هن چيو ته ڊالر جي بحران جي ذميواري جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا ان حوالي سان جاچ ڪري ڏوهارين جو تعين ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته گهرو معاملن واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي ذميوار آفيسر لڳائڻ جي حق ۾ هو، ان کي ڪنهن کان ڪنهن به قسم جي لالچ نه آهي، هو سٺي شخصيت جو مالڪ آهي، بيورو ڪريسي جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته بيورو ڪريسي کي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي ائين نه ٿيندو جو هوُ فون ڪن ۽ بيورو ڪريسي فون نه کڻ، پاليسي ٺاهڻ پارليامينٽرين جو ڪم آهي، بيورو ڪريسي سمجهي ٿي ته ملڪ اهي هلائيندا