ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
اختر مينگل تي حملي جي ڪوشش ناڪام، هينڊ گرنيڊ ۽ هٿيار هٿ

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بي اين پي مينگل گروپ جي سربراهه اختر مينگل تي حملي جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو. اختر مينگل تي وڍ واري علائقي ۾ حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا سندس گارڊن ناڪام بڻائي ڇڏي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي اختر مينگل ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن منهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي عملي کين روڪيو ته انهن جي قبضي مان هينڊ گرنيڊ ۽ هٿيار هٿ آيا. سندس چوڻ هو ته مون کي اڳ به حملن جون ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن پر ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو ناهيان، زندگي ۽ موت رڳو الله جي هٿ ۾ آهي.