ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
پاڪ فوج ۾ وڏي پئماني تي مقرريون، ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ مقرر

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پاڪ فوج ۾ وڏي پئماني تي جنرلن جون مقرريون ويون آهن، ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل نديم زڪي کي ڪور ڪمانڊر منگلا مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل شاهين مظهر کي ڪور ڪمانڊر پشاور، ليفٽيننٽ جنرل اظهر صالح عباسي کي چيف آف لاجسٽڪس اسٽاف ۽ ليفٽيننٽ جنرل عبدالعزيز کي ملٽري سيڪريٽري جي ايڇ ڪيو مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد عدنان کي وائيس چيف آف جنرل اسٽاف ۽ ليفٽيننٽ جنرل وسيم اشرف کي آءِ جي آرمز مقرر ڪيو ويو آهي .واضح رهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار 25 آڪٽوبر تي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. جنهن جي جاءِ تي ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي آءِ ايس آءِ جو نئون ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته عاصم منير ڊي جي ملٽري انٽيليجنس (ايم آءِ) رهي چڪو آهي، عاصمر منير پاڪستان ملٽري اڪيڊمي نه پر آفيسرز ٽريننگ اسڪول کان فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي.