ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
وزيراعظم پاران غريبن کي 50 لک گهر ٺاهي ڏيڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام جو افتتاح

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان گهٽ آمدني واري طبقي ۽ غريب عوام کي 50 لک گهر ڏيڻ جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  ون ونڊو آپريشن جي لاءِ 90 ڏينهن ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، جنهن جي نگراني وزيراعظم پاڻ ڪندو، شروعاتي طور تي 7 ضلعن ۾ پائليٽ پرجيڪٽ اڄ کان شروع ٿيندو، 60 ڏينهن ۾ رجسٽريشن جو عمل مڪمل ٿيندو، گهٽ آمدني وارن وفاقي ملازمن جي لاءِ پڻ اڄ کان فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي ويندي، ڪچين آبادين جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا ويندا، ناڻي بابت رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ 60 ڏينهن ۾ نيشنل فنانشل ريگيوليٽري ادارو قائم ڪيو ويندو، گهرن جي لاءِ زمين حڪومت فراهم ڪندي جڏهن ته باقي ڪم نجي شعبو سرانجام ڏيندو. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم آفيس ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي جو افتتاح ڪي، وزيراعظم چيو ته هائوسنگ جي شعبي کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور م بنيادي اهميت حاصل رهي آهي، هائوسنگ هڪ اهڙي انڊسٽري آهي جنهن سان سڄو ملڪ هلي ٿو ۽ 50 صنعتون سڌوسنئون هائوسنگ جي شعبي سان واڳيل آهن جڏهن ته ڪيتريون صنعتيون اڻ سڌي طرح هلنديون آهن. هن چيو ته ان عظيم الشان منصوبي سان بيروزگار نوجوانن کي روزگا ملندو، صنعت جو ڦيٿو هلندو، اقتصادي سرگرمي وڌندي ۽ اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته هائوسنگ اسڪيم اڳيون حڪومتون شروع ڪري ڇڏين ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها پر ائين نه ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ گهر ٺاهڻ جي سگهه رڳو اهي ئي ماڻهو رکي سگهن ٿا جن وٽ روڪ پئسو هوندو آهي جڏهن ته غريب ماڻهو قرض وٺڻ چاهي ته اهو تمام مشڪل ڪم آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ 75 کان 80 سيڪڙو ماڻهو قرض وٺي گهر ٺاهين ٿا، ملائيشيا ۾ اها شرح 3.3 سيڪڙو، ڀارت ۾ اٽڪل 11 سيڪڙو، بنگلاديش ۾ 3 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ اها شرح رڳو 0.25 سيڪڙو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جو هدف 5 سالن ۾ غريب عوام، گهٽ آمدني واري پگهاردار طبقي جي لاءِ 50 لک گهرن جي تعمير آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي ڪوشش آهي ته بيروزگاري جو مسئلو به حل ٿئي، اهو منصوبو بيروزگا نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ بهترين طريقو آهي، ان سان 40 صنعتون سڌوسنئون هلنديون. هن چيو ته ان سان گڏوگڏ اسان چاهيون ٿا ته نوجوان پاڻ تعميراتي ڪمپنيون قائم ڪن ۽ صنعت ۾ شامل ٿين. هن چيو ته تعميراتي صنعت ۾ هنرمندي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ٺاهينداسين ۽ ماڻهن کي تربيت ڏيارينداسين. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان ڪمپني ان شعبي ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ گهرن جي طلب آهي، اسان 5 سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون جنهن سان واڌويجهه جي شرح پڻ مٿي ويندي. وزيراعظم واضح ڪيو ته حڪومت جو ڪم سهولت ڏيڻ آهي، حڪومت زمين فراهم ڪندي، گهرن جي تعمير نجي شعبو ڪندو، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان گڏوگڏ اخوت جهڙن غيرمنافعو ڏيندڙ ادارن کي پڻ ان عمل ۾ گڏ کڻي هلنداسين. هن چيو ته شهرن ۾ ئي نه پر ڳوٺن ۾ پڻ ان عمل کي اڳتي وڌايو ويندو. وزيراعظم ان منصوبي ۾ سهولت ڏيڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اها اٿارٽي 90 ڏينهن ۾ قائم  ڪئي ويندي، آئون ان کي پاڻ مانيٽرنگ ڪندس، ان وقت تائين هڪ ٽاسڪ فورس ان منصوبي کي ڏسندي. هن چيو ته بلدياتي ادارن ۽ صوبائي حڪومتن سان پڻ رجوع ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪچي آبادين جي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن، اسلام آباد جي سڀ کان قيمتي زمين انهن وٽ آهي، انهن وٽ انهن جا مالڪاڻا حق نه آهن، هي انهن کانسواءِ اتي رهيا آهن. هن چيو ته اسان ترڪيءَ سميت مختلف ملڪن جا ماڊل ڏٺا آهن، اسان انهن کي مالڪاڻن حقن جي بنياد تي رهائش ڏينداسي. وزيراعظم چيو ته هن وقت فوري ڪم رجسٽريشن جو آهي جنهن سان اسان کي گهرن جي طلب جي خبر پوندي، شروعاتي طور تي 7 ضلعن ۾ پائليٽ پراجيڪٽ (اڄ) خميس کان شروع ٿيندو، 60 ڏينهن تائين نادرا سان گڏجي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گهر ٺاهڻ جون اسڪيمون ان لاءِ ناڪام ٿيون جو اڳ ۾ گهر ٺاهيا ويا، اسان کي ان جي اڳ ۾ طلب معلوم ڪرڻي آهي پوءِ تعميراتي ڪم شروع ڪنداسين ته جيئن اسان وٽ ان ڏس ۾ انگ اکر موجو هجن. وزيراعظم چيو ته ان صنعت جي ترقي نه ڪرڻ جا ٻه وڏا سبب آهن جن ۾ فنانسنگ جو ماڊل نه هجڻ آهي، اسان اسٽيٽ بئنڪ سان گڏجي ان جو پورو ماڊل تيار ڪري رهيا آهيون، ان ڏس ۾ نيشنل فنانشل ريگيوليٽري باڊي جو قيام 60 ڏينهن ۾ عمل ۾ آندي ويندي جيڪا فنانسنگ بابت رڪاوٽون ختم ڪندي. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ ليگل فريم ورڪ نه هجڻ جي ڪري ماڻهو ان شعبي ۾ سيڙپڪاري کان ڊڄن ٿا، قانون واري وزارت ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اها 60 ڏينهن ۾ ان جو مسودو مڪمل ڪندي. وزيراعظم چيو ته پهرين مرحلي ۾ وفاق جي سطح تي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اسڪيم (اڄ) خميس کان شروع ٿيندي جنهن تحت ملازمن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ به هائوسنگ وارو وزير اهڙي طرح نجي شعبي سان گڏجي شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته اها منصوبابندي اقتصادي پاليسي جو اهم سنگ ميل آهي جنهن سان غريبن کي گهر ملندا، نوجوانن کي روزگار ملندو، لاڳاپيل صنعتون هلنديون ۽ اقتصادي سرگرمين جي وڌڻ سان واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن انهن لاءِ به اسان هڪ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون اهو شعبو اسان جي منشور جو بنيادي جز آهي.