چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
نواز شريف پاران جنازي واري جاءِ جو دورو، انتظامن جو جائزو ورتو

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سندس گھرواري ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۽ تدفين واري جاءِ جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو،اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف جاتي امرا کان شريف ميڊيڪل سٽي پهتو، جتي هن جنازي واري جاءِ ۽ انتظامن جو جائزو ورتو، جڏهن ته خاص هدايتون پڻ ڏنيون. نواز شريف پنهنجي مرحوم والد ميان شريف جي قبر تي پڻ حاضري ڏئي فاتح ۽ قل پڙهيا. هوڏانهن جاتي امرا ۾ بيگم لڪثوم نواز جي تعزيت لاءِ ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، سلمان شهباز، مرزا جاويد، ميئر لاهور ڪرنل (ر) مبشر ۽ مريم اورنگزيب به پهتا.