چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
نواز، مريم ۽ صفدر جي سزا معطلي جي درخواستن جي ٻڌڻي تي نيب جو اعتراض

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا جي معطلي درخواستن جي ٻڌڻي تي نيب پراسڪيوٽر جو اعتراض، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس اطهر امن الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي مشتمل ٻه رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا جي معطلي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستن تي ٻڌڻي شروع ٿي ته نيب پراسيڪيوٽر اڪرم قريشي سزائن معطلي جي درخواستن تي اعتراض ڪندي چيو ته جيڪڏهن سزا معطلي تي روزانو ٻڌڻي ٿي سگھي ٿي ته اپيلن تي به روزاني ٻڌڻي ٿي سگھي ٿي، صفائي پيش ڪندڙ وڪيلن کي اپيلن تي 2 ڪلاڪ ڏيو. ان موقعي جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته اسان توهان جو اعتراض ٻڌي ورتو آهي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سزا ٽن سالن کان مٿي هجي ته ان جي معطلي فوري طور نٿي سگھي. جنهن تي جسٽس اطهر امن الله چيو ته ڇا ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ اهڙي طرح روزاني جي بنياد تي ٽرائل ٿيو آهي؟ هن ڪيس جون خاص حلاتون آهن. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته هن ڪيس ۾ خاص حالتون ناهن، صفائي پيش ڪندڙ وڪيلن بدنيتي سان سزا معطلي تي دليل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن تي جسٽس اطهر امن الله چيو ته توهان سزا معطلي تي دليل ڏيو ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته توهان جا اعتراض عدالت نوٽ ڪري ورتا آهن.