چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
پي ٽي آءِ اڳواڻ ممتاز ڀٽو ساھ جي تڪليف سبب اسپتال داخل، گورنر عيادت ڪئي

ڪراچي (بيورورپورٽ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ممتاز علي ڀٽو کي ساھ ۾ تڪليف ٿيڻ سبب ڪراچي جي سٽي سائوٿ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ممتاز علي ڀٽو گذريل ٽن ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل آهي جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي جمال صديقي ، حليم عادل شيخ، رزاق باجوا ۽ ٻين اسپتال پهچي ممتاز علي ڀٽي جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي سردار ممتاز علي ڀٽو جو فرزند امير بخش ڀٽو پڻ اسپتال ۾ موجود هيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ رزاق باجوا موجب سينئر سياستدان سردار ممتاز علي ڀٽو کي 3 ڏينهن اڳ ساھ کڻڻ جي تڪليف ٿيڻ سبب ڄاڻايل اسپتال داخل ڪيو ويو هو جتي سندس طبعيت وڌيڪ ناساز ٿي وئي هئي پر ڪالهه کان طبعيت ۾ بهتري آئي آهي، هن ٻڌيو ته 16 سيٽمبر تي وزير اعظم عمران خان ڪراچي جي دوري دوران ممتاز علي ڀٽو جي مزاج پرسي ڪندو، هن ٻڌايو ته امڪان آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ سردار ممتاز علي ڀٽو اسپتال مان فارغ ٿي گھر منتقل ٿي وڃي.