چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 23 گم ٿيل ٻارن مان رڳو هڪ بازياب ٿيڻ تي ڪاوڙ، آءِ جي سنڌ طلب

ڪراچي(بيورورپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  شهر ۾ 23 گم ٿيل  ٻارن مان صرف هڪ جي بازيابي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرائي ورتو آهي .عدالت۾ 23 گمشده ٻارن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي . جنهن دوران عدالت ٻارن جي بازيابي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪاور جو اظهار ڪيو،  جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي ۽ عدالت ريمارڪس ڏيندي لاپتا ٻارن جي بازيابي تي سخت ڳڻتي آهي. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ٻارن جي گمشدگي بابت 22 ايف آءِ آر داخل آهن. جڏهن ته ڊي آءِ جي ڪرائم برانچ عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ٽيم جوڙي هئي  جنهن هڪ ٻار کي بازياب ڪرايو آهي. ڊي آءِ جي جي بيان تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 23 مان صرف هڪ ٻار کي بازياب ڪرايو ويو آهي. پوليس جي جاچ  تمام گهڻي سست آهي، پوليس اختيارين گم ٿيل ٻارن جي بازيابي کي جلد کان جلد يقيني بڻايو ، عدالت آءِ جي سنڌ جي جوڙيل ٽيم تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي جي سربراهي ۾ نئي ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اي وي سي سي ( سي سي آءِ) جي ڪارڪردگي تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي بازيابي تائين ڊي آءِ جي کي هر ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.  عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام پاڻ پيش ٿي وضاحت ڪري. ٻارن جي بازيابي لاءِ پوليس کي تمام جديد ٽيڪنيڪس استعمال ڪرڻ ۽ ٻارن کي بازياب ڪرائي 3 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. يادرهي ته پهرين جنوري کان 31آگسٽ تائين گم ٿيل ٻارڙن جا 151ڪيس داخل ٿيا آهن .جنهن مان 135ڪيس کي حل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 16 تي ڪم ٿي رهيو آهي .پوليس پاران رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ٻار کي بازياب ڪرايو ويوآهي .جڏهن ته ڊسٽرڪٽ سائوٿ جي 4 ٻارڙن،سٽي ڊسٽرڪٽ  جي هڪ ٻار ،ڊسٽرڪٽ سينٽرل جي 6 ٻار،ڊسٽرڪٽ ڪورنگي جي 2ٻار ،ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي 2ٻار۽ ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي هڪ ٻار جي ڪيس تي ڪم ٿي رهيو آهي