چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
فاروق ستار ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي(بيورورپورٽ) فاروق ستار متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. فاروق ستار طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ذاتي سببن جي ڪري رابطي ڪميٽي جي رڪن جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏني. هن جو چوڻ آهي ته استعيفيٰ رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي موڪلي ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان ان قسم جا اطلاع ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن ته فاروق ستار تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ پيو وڃي ۽ پاڻ فاروق ستار به انهن خبرن جي تصديق ڪئي هئي ته تحريڪ انصاف جي ڪجهه ماڻهن کيس پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي جنهن تي دوستن سان مشاورت ڪري رهيو آهيان.