چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
حڪومت طرفان نيلامي لاءِ پيش ڪيل هيليڪاپٽر اڏامڻ جي قابل ناهن: بي بي سي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان نيلامي جي لاءِ پيش ڪيل چئني هيليڪاپٽرن مان هڪ به اڏام ڀرڻ جي قابل ناهي. برطانوي خابرو اداري بي بي سي موجب وزير اعظم جي آفيس مان ڪابينا ڊويزن ڏانهن هڪ خط موڪليو ويو آهي جنهن ۾ نيلام ٿيندڙ چئني هيليڪاپٽرن جي حالت بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. خط موجب حڪومت طرفان نيلام ٿيندڙ چارئي هيليڪاپٽر اڏام ڀرڻ جي قابل ناهن، چار ئي هيليڪاپٽر طويل عرصي کان پرزن جي عدم موجودگي جي ڪري خراب حالت ۾ آهن ۽ انهن هيليڪاپٽرن کي اڏام ڀرڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ چڱي رقم خرچ ڪرڻي پوندي. ان بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته 93-1992 ماڊل جي هيليڪاپٽرن کي ته ڪجهه پرزا وجهي استعمال جوڳو بڻائي سگهجي ٿو پر ان تي به ڪروڙين رپيا خرچ ايندا پر 74-1971 ماڊل جي هيليڪاپٽرن کي اڏامڻ جوڳو بڻائڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مهانگو ڪم آهي. هيليڪاپٽرن ۾ ڪجهه پرزا اهڙا آهن جن کي هڪ خاص مدي بعد تبديل ڪرڻو پوندو آهي پوءِ ڀلي اُهي هيليڪاپٽر استعمال ٿيا هجن يا نه ٿيا هجن.