چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
لنڊن ۾ ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ادا، مڙهه پاڪستان روانو، تدفين اڄ لاهور ۾ ٿيندي

 لنڊن/لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز لنڊن ۾ ادا ڪئي وئي،  ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا بيگم ڪلثوم نواز 11 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري وئي هئي. لنڊن جي ريجنٽ پارڪ مسجد ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۾ پٽن حسن ۽ حسين نواز، شهباز شريف، اڳوڻي وفاقي گھرو وزير  چوڌري نثار، اسحاق ڊار سميت مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.  ڪلثوم نواز جو مڙهه پاڪستاني وقت موجب رات تقريبن 11 وڳي هيٿرو ايئرپورٽ کان پي آءِ اي اڏام وسيلي لاهور روانو ٿيو. نواز شريف جي ننڍي ڀاءُ شهباز شريف، سندس ننڍي ڌيءَ اسما ۽ پٽ حسين نواز جي 2 پٽن سميت خاندان جا ٻيا ماڻهو مڙهه سان گڏ ايندا. ڪلثوم نواز جو مڙهه لاهور پهچڻ بعد اڄ شام 5 وڳي شريف ميڊيڪل ڪامپليڪس رائيونڊ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، کيس سندس سهري ميان شهريف جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.