چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
پاڪستان پاران سي پيڪ رٿائن تي نظرثاني جو تاثر رد، ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان سي پيڪ منصوبن تي نظرثاني جو تاثر رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته سي پيڪ بابت چين سان نئين سر معاهدن جي نواڻ کي مڪمل طور تي رد ڪري چڪا آهيون جڏهن ته سي پيڪ معاهدن تي نظرثاني جو تاثر به رد ڪريون ٿا، پاڪستان انهن معاهدن تي ڪابه نظرثاني نه پيو ڪري.  پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڀارت آمريڪا گڏيل پڌرائي ۾ پاڪستان تي لڳايل الزامن کي به رد ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، سمورن معاملن جو حل ڳالهين سان ئي چاهيون ٿا. افغانستان بابت پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته افغانستان جي مسئلي جو حل اتي جي ماڻهن هٿان تلاش ڪرڻ جي حمايت ڪيون ٿا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو پهريون پرڏيهي دورو افغانستان جو آهي، هو سڀاڻي افغانستان ويندو، جتي پاڪ افغان ايڪشن پلان تي ڳالهيون ڪندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو ڪندو، جنهن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ويزا جي سختي رڳو پاڪستان لاءِ ناهي، اها ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان به ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزارت جي سطح تي ان معاملي بابت رابطي ۾ آهيون، جڏهن ته بحرين جي عملدارن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، ايف اي ٽي بابت ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته فنانشل ايڪشن فورس بابت ڪافي ڪم ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ۾ برطانوي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان چين سان سي پيڪ جي منصوبن تي نظرثاني تي غور ڪري رهيو آهي جنهن کانپوءِ وزيراعظم پاڪستان جي واپار بابت صلاحڪار برطانوي اخبار جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو هو.