چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
ڊيم فنڊ ٽيڪس کان آجو قرار، گيس ۽ بجلي اگهه نه وڌائڻ ۽ ميٽرو منصوبن جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ڊيم فنڊ کي ٽيڪس کان آجو قرار ڏيندي ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي چيف جسٽس کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جڏهن ته اطلاعات واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پگهار دار طبقي جي ٽيڪس شرح ۾ ڪو به اضافو نه پيو ڪيو وڃي، گئس ۽ بجلي جا اگهه ناهن وڌايا، هڪ لک ٽن ڀاڻ ٻاهران گهرايو ويندو، ميٽرو جي سڀني منصوبن جي آڊٽ ڪرائي ويندي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته اڳوڻي حڪومت گرمين ۾ ڀاڻ جي ڪارخانن کي گئس ڏيڻ بند ڪري ڇڏي هئي ۽ ڀاڻ ٻاهر موڪلڻ جي به اجازت ڏني جنهن سان ملڪ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ربيع جي فصل لاءِ هڪ لک ٽن يوريا ٻاهران گهرائڻو پوندو، وفاقي وزير چيو ته حڪومت ميٽرو جي سڀني منصوبن جي آڊٽ ڪرائڻ جو دفصيلو ڪيو آهي، ٽن ميٽرو منصوبن تي 8 ارب روپيا سبسڊي جي مد ۾ خزرچ ڪيا ويا، پنجاب حڪومت کي 8 ارب روپيا ٽن ميٽرو منصوبن کي هلائڻ لاءِ ڏيڻا پون ٿا، اسلام آباد ميٽرو تي 4.2ا رب روپين جي سبسڊي ڏيڻي پوي ٿي پر پشاور واري منصوبي ۾ سبسڊي نه ڏيڻي پوندي، پشاور منصوبو 67 ارب روپين ۾ مڪمل ٿيندو، پشاور ۾ بسون خريد ڪيون ويون آهن پر لاهور ۾ ميٽرو بسون ڪرائي تي ڏنل آهن پر ان حوالي سان ڪو به فصيلو پنجاب حڪومت پاڻ ڪندي، وفاقي وزير چيو ته ڪيڊ واري وزارت کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سي ڊي اي هاڻي گهرو وزارت جي ماتحت ڪم ڪندي، سي ڊي اي ڪجهه ڏينهن ۾ هزارين ڪينال زمين قبضي مافيا کان ڇڏرائي آهي ۽ ان آپريشن کي جاري رکيو ويندو، 34 هزار 60 ڪينال زمين جي نشاندهي ٿي آهي، جنهن کي ڪمرشل استعمال ۾ آندو ويندو، فواد چوڌري چيو ته اجلاس ۾ پي ٽي وي جي بورڊ آف گورننس جي منظوري ڏني وئي آهي، چيئرمين ارشد خان هوندو، جڏهن ته هارون شريف کي سيرپڪاري بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ تي چيف جسٽس کي ساراهيو آهي ۽ چيو آهي ته اهو ڪم سياسي قيادت جو هو جيڪو چيف جسٽس ڪيو آهي اسان کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جڏهن ته وفاقي ڪابينا ۾ ڊيم فنڊ جي لاءِ رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ڊيم بابت فنڊ کي ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي فواد چوڌري چيو نوازشريف وزيراعظم طور 2 ارب 30 ڪروڙ خرچ ڪيا، شهباز شريف پنجن سالن ۾ 2 ارب 90 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا، هن چيو ته حڪومت گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف حڪومت وزيراعظم هائوس بدران ڀرسان موجود زمين تي نئون تعليمي ادارو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم هائوس دستور موجب وزيراعظم عمران خان جي استعمال ۾ رهندو ۽ ان وزيراعظم هائوس کي تعليمي ادارو نه بڻايو ويندو جڏهن ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته وزيراعظم هائوس کي اعليٰ تعليمي ادارو بڻايو ويندو پر اهو تعليمي ادارو وزيراعظم هائوس جي ڀرسان موجود زمين تي ٺاهيو ويندو جڏهن ته  چئني گورنر هائوسز کي ميوزيم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين سرڪاري عمارتن کي سياحتي ماڳن ۽ هوٽلز ۾ تبديل ڪيو ويندو، انهن عمارتن تي ايندڙ سالياني 105 ڪروڙ روپين جي خرچ جي بچت ٿيندي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ تاريخي عمارتن کي ٻيهر استعمال ڪرڻ جي تجويز ڪيل منصوبي جي باري ۾ اجلاس کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن کي تفصيلن کان آگاهه ڪندي هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان قوم کي پنهنجي خطاب ۾ جنهن سادگي اختيار ڪرڻ جو چيو هو ۽ وزيراعظم اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي شاهاڻي طرز طريقي مان ماڻهو پريشان آهن، ان لاءِ حڪومت شاهاڻي خرچن کي ختم ڪري سادگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 1096 ڪينال تي ٻڌل وزيراعظم هائوس اسلام آباد کي هڪ اعليٰ درجي جي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪيو ويندو، وزيراعظم هائوس تي ساليانو 47 ڪروڙ روپين جو خرچ اچي ٿو جنهن جي بچت ٿيندي، هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم هائوس جي پويان موجود زمين تي يونيورسٽي جي لاءِ عمارت تعمير ڪئي ويندي، يونيورسٽي جي لاءِ پي سي ون جوڙي ويندي، يونيورسٽي جي قيام جي لاءِ تعليم واري وزير شفقت محمود، ايڇ اي سي چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوري ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي. هي يونيورسٽي تعليم لحاظ کان منفرد هوندي، هن چيو ته گورنمينٽ هائوس مري جنهن جي رنگ روغن تي تازو ئي پنجاب حڪومت 60 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا آهن ان کي هيريٽيج بوتيڪ هوٽل بڻايو ويندو، ان عمارت تي ساليانو 4 ڪروڙ روپيا خرچ ايندو هو، هن چيو ته پنجاب هائوس مري کي سياحتي ڪمپليڪس ۾ تبديل ڪيو ويندو، پنجاب هائوس مري جنهن تي ساليانو اڍائي ڪروڙ روپيا خرچ اچي ٿو، تعليم واري وزير ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ پنجاب هائوس ۽ ان سان گڏ گورنر انيڪسي جيڪا مجموعي طور تي 70 ڪينال زمين تي ٻڌل آهن انهن تي ساليانو 4 ڪروڙ روپيا خرچ اچي ٿو انهن کي اعليٰ تعليمي اداري ۾ تبديل ڪيا ويندو، ان باري ۾ فيصلو پنجاب حڪومت ڪندي، هن چيو ته گورنر هائوس لاهور جيڪو 700 ڪينال ايراضي تي ٻڌل آهي ۾ قائم ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۽ اسڪول کي ڌار ڪري عمارت ۾ ميوزيم ۽ آرٽ گئلري ٺاهي ويندي، جڏهن ته ان جي پارڪن کي عوام جي لاءِ کوليو ويندو، گورنر هائوس جي مال روڊ واري ڀت کي ڪيرائي اتي خوبصورت جهنگلو لڳايو ويندو ته جيئن عوام ٻاهر کان به ان جو نظارو ڪري سگهي. هن چيو ته اجلاس ۾ 19 شاهراهه قائد اعظم کي ڪرافٽ ميوزيم ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي وڏي وزير جي آفيس قائم هئي ۽ ان عمارت تي 8 ڪروڙ روپيا ساليانو خرچ ايندو هو، ان عمارت جي ڪانفرنس هال کي پبلڪ جي لاءِ رينٽ آئوٽ ڪيو ويندو ۽ ان مان به آمدني حاصل ٿيندي، هن چيو ته چنبا هائوس جيڪا تاريخي عمارت آهي کي گورنر آفيس جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو، اسٽيٽ گيسٽ هائوس مال روڊ لاهور جيڪو هن وقت فارن آفيس جي ويجهو آهي ان سان ڳالهائڻ کانپوءِ ان کي فائيو اسٽار هوٽل ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گورنر هائوس ڪراچي ۾ ميوزيم ٺاهيو ويندو اها تجويز حڪومت سان گڏجي اڳتي وڌائي ويندي، جڏهن ته اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي کي گورنر هائوس طور استعمال ڪيو ويندو. هن چيو ته اجلاس ۾ قصر ناز ڪراچي جي عمارت کي فائيو اسٽار هوٽل ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گورنر هائوس بلوچستان کي ميوزيم ۽ بلوچ ثقافتي مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويندو، جڏهن ته ان جي پارڪ کي صرف عورتن جي لاءِ مخصوص پارڪ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گورنر هائوس پشاور جيڪا هڪ تاريخي عمارت آهي ان کي ميوزيم ۽ قبائلي ثقافت جو عڪاس بڻايو ويندو، نٿياگلي گورنر هائوس کي هڪ اعليٰ درجي جي هوٽل ۽ سياحتي ماڳ ۾ تبديل ڪيو ويندو، هن چيو ته ان سان حڪومت کي ساليانو 105 ڪروڙ روپين جي بچت ٿيندي ۽ اهي عمارتون آمدني جو ذريعو بڻجنديون، هن چيو ته ان فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ عملدرآمدي ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا ان تي عمل ڪرائيندي.