چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ وارو فيصلو ۽ پٺتي پيل زرعي سنڌ!
اربع 12 سيپٽمبر 2018ع

وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي پاران آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ ۽ في ٻوري تي نَو سئو سٺ روپيا سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ناڻي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اي سي سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانا پنهنجي پوُري سگهه سان ڀاڻ جي پيداوار ڪندا، انهي لاءِ ڀاڻ فيڪٽرين کي 50 سيڪڙو مقامي گيس ۽ 50 سيڪڙو ايل اين جي ڏني ويندي، ايل اين جي بل جو 50 سيڪڙو ڪمپنيون ۽ 50 سيڪڙو حڪومت پاڻ ادا ڪندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ ڀاڻ جي ضرورت 5.833 ملين ٽن آهي، گذريل سال اها 5.862 ملين ٽن هئي، حڪومت پاران يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ کانپوءِ في ٻوري 2575 روپين ۾ پوندي، ان ۾ اضافي 960 روپين جو بار حڪومت برداشت ڪندي. ان سان گڏوگڏ هڪ اهڙو نظام به جوڙيو پيو وڃي، جنهن سان ڀاڻ جي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي ۽ آبادگارن جون ضرورتون به پوريون ڪري سگهجن ٿيون، سندس اهو پڻ چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جي اقتصادي پاليسي ۾ آبادگار اهم جز آهن، ان لاءِ حڪومت اهڙو ڪو قدم نه کڻندي جنهن سان آبادگارن کي ڪو نقصان پهچي.

ڏٺو وڃي ته سنڌ جو ننڍو زميندار،آبادگار۽ هاري معاشي طور ڏينهون ڏينهن ھيڻو ٿيندو پيو وڃي، هتي جڏهن به مندائتا فصل لهندا آهن، جن ۾ ڪمند هجي يا ڪڻڪ، ساريون هجن يا ڦٽيون يا ٻيا ڪي فصل، انهن جي اگهن ۾ سدائين سنڌ جي آبادگارن سان زيادتيون ڪيون ويون آهن، سنڌ جي آبادگارن ۽ عام ماڻهن کي ڪڏهن مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو ويندو رهيو آهي ته ڪڏهن سندن لهندڙ فصلن جي اگهن ۾ زيادتيون ٿينديون رهيون آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي آبادگارن ته فصلن جي پوک ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني، جنهن سان يقينن پيداوار متاثر ٿي آهي، ظُلم جي ڳالهه اها به آهي ته آبادگارن کان هڪ ته گهٽ اگهه تي خريداري ڪئي ويندي آهي، مٿان وري ڪيئي مهينن تائين کين رهتون به ادا نه ڪيون وينديون آهن، نتيجي ۾ قرض کڻي ۽ پنهنجو مال متاع وڪڻي به فصل پوکيندڙ آبادگار ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. اها به حقيقت آهي ته ڪمزور سرڪاري پاليسين جي ڪري واپاري موجن ۾ هجي ٿو، جڏهن ته عام هاري ۽ آبادگار هميشه مشڪلاتن ۾ گهيريل رهي ٿو، افسوس ته پنهنجي زمينن هوندي به سنڌ جا آبادگار معاشي تنگي ۽ بدحاليءَ ۾ گهيريل آهن، بنيادي طور تي ته سنڌ کي گهربل پاڻي نه ملڻ ڪري هتان جا فصل تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن، ڪيتريون ئي ٻنيون غيرآباد ٿي سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويون آهن، درياهه جو پاڻي نه پهچڻ ڪري زمين ۾ لوڻياٺ جو مقدار وڌي چڪو آهي، ساڳئي وقت سنڌ جون ڪيتريون ئي اهڙيون زمينون آهن، جيڪي ماضي ۾ ته سرسبز ۽ شاداب هونديون هيون پر اڄ زرعي پاڻي نه ملڻ ڪري اهي بنجر سُڪل ٺوٺ بڻجي چڪيون آهن، هاڻ ته ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ کان به ڳالهه چڙهي وئي آهي ۽ سنڌ زرعي مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي، ان کان علاوه گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ جي زراعت سان ۽ زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن سان جيڪا مذاق ڪئي وئي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي زراعت ترقي بدران تنزلي ڏانهن وڌندي پئي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ڪڻڪ سارين، ڦٽين سميت ٻين فصلن، ميون ۽ ڀاڄين جون نيون جنسون نه پيدا ٿي رهيون آهن ۽ نه وري انهيءَ ڏس ۾ ڪا لاڀائتي تحقيق ٿي رهي آهي، جيڪي زرعي تحقيقاتي ادارا آهن سي به پنهنجي اهميت ۽ افاديت ڏينهون ڏينهن وڃائي رهيا آهن.

اسين سمجهون ٿا ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو نه رڳو خوش آئنده آهي بلڪه ان سان آبادگارن جو حوصلو ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جا امڪان به وڌندا. ٻئي طرف صوبائي سطح تي به اهڙا قدم کڻڻ ضروري آهن ته جيئن آبادگارن کي معاشي بدحالي کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي، خاص ڪري سنڌ ۾ زراعت کي تمام گهڻي هٿي وٺرائڻ گهرجي، هِن وقت سنڌ ۾ زراعت جو وزير، اسماعيل راهو آهي، سندس والد فاضل راهو آبادگارن، هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ ڀرپور نموني جدوجهد ڪئي ۽ سڄي ڄمار غريبن کي حق ڏيارڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي، ايتري قدر جو پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪئي ۽ شهادت ماڻي ۽ پنهنجي ان جدوجهد کي لازوال بڻائي ڇڏيو، اڄ سندس فررند آبادگارن، هارين ۽ ڪڙمين جي لاڳاپيل زراعت کاتي سان واڳيل آهي ته مٿس اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هُو سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين جي پرگهور لهڻ ۽ انهن کي رليف ڏيارڻ لاءِ وِکون وڌائي پڇڙي جي آبادگارن جون نه صرف پاڻي بحران جون شڪايتون ختم ڪرائي بلڪه سستي اگهن تي ڀاڻ ۽ ٻين زرعي گهرجن جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اُميد ته وفاقي سرڪار توڙي سنڌ حڪومت به آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ عملي ڪوششون وٺي انهن جون شڪايتون ختم ڪندي، جنهن لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ساڳئي وقت تحريڪ انصاف جي حڪومت کي سنڌ جي ننڍن آباگارن ۽ محنت ڪندڙ هارين سان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.