چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
فرزانه جمالي کي انصاف پلئه پوندو؟
مجيد چوهاڻ

سنڌ اها جنم ڀومي آهي جتي انصاف ملڻ جي آسري ازل کان اڄ تائين ويٺل ڪيترن ئي مجبورن کي اختيار ڌڻي ۽ قانون جا رکوالا ٺلها دلاسا ۽ آٿتون ڏيئي دوکي جي دز ۾ ڀٽڪائيندا رهن ٿا پر پوءِ به هزارين هستيون حسرتون رکي انصاف پلي پوڻ جي آسري ۾ وقت وڃائينديون رهن ٿيون، جنهن لاءِ مظلوميت جو نشاڻو بڻيل واتن جون ريهون نه حساس دل وارن جي ڪنن ۾ ڪوڪون ڪنديون رهڻ ٿيون پر پوءِ به کين ڪٿان کڙتيل حاصل ٿيڻ ناممڪن نه پر نااميد ضرور بڻيل آهي.

اهڙي انڌير نگري چرپٽ راجا واري رياست ۾ سنڌ يونيورسٽي کان پوءِ سنڌ جي عظيم نياڻي شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب نوابشاهه ۾ قائم يونيورسٽي ۾ استاد پڙهندڙ سنڌي نياڻين لاءِ بگهڙ بڻجي ويا. سنڌ جي مقدس مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي شعبي جي شاگردياڻين کي استادن پاران مبينا جنسي طور حراسان ڪرڻ واري واقعي بعد نوابشاهه ۾ قائم جنرل يونيورسٽي اندر پڻ سنڌي نياڻين کي انگريزي شعبي جي استاد عامر خٽڪ پاران وائيس چانسلر ارشد سليم جي سرپرستي هيٺ جنسي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو. اهڙو انڪشاف تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ وسايو جمالي جي رهواسڻ پرائمري استاد اعجاز علي جمالي جي بهادر نياڻي ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نوابشاهه جي سينئر آفيسر اقبال جمالي جي ڀائيٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي نوابشاهه جي انگريزي شعبي جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي فرزانه جمالي ڪيو آهي ته ”مان پنهنجي ڳوٺ جي پهرين واحد ڇوڪري آهيان جنهن برادري جي شديد مخالفت جي باوجود يونيورسٽي ۾ ريگيولر تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڊ بي ايس اي جي ان ڪيمرا جي امتحان ۾ فرسٽ پوزيشن ۽ ايم اي انگلش ۾ سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪئي آهي پر يونيورسٽي ۾ انگريزي شعبي جو ميان والي پنجاب جو استاد عامر خٽڪ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ سنڌي نياڻين کي جنسي طور حراسان ڪري ساڻس ناجائز لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ بليڪ ميلنگ ڪري رهيو آهي ۽ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ارشد سليم سندس سرپرستي ڪري رهيو آهي“ هن چيو ته ”ڄاڻايل استاد گذريل ڇهن مهينن کان مون کي جنسي طور حراسان ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي ۽ منهنجو والد جڏهن اهڙي شڪايت کڻي وي سي ارشد سليم وٽ ويو ته وائيس چانسلر انهي حساس مسئلي جو ادراڪ ڪرڻ بدران منهنجي پيءُ کي چيو ته مان ساڻس اڪيلائي ۾ ملان ته مسئلو حل ڪيو ويندو، بعد ۾ شام جو يونيورسٽي انتطاميا پاران منهنجي والد اعجاز علي جمالي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس لاڪ اپ ڪيو ويو.“ ان موقعي تي فرزانه جمالي آبديده اکين سان صحافين کي ٻڌايو ته ”مون سان انصاف ڪير ڪندو؟“

ٻئي پاسي انتظاميا جي ٺلهن دلاسن ۽ جلد انصاف جي خاطري واري قولن مان متاثر وارث بيزار ٿي جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري عهدي تان هٽائي گرفتاري لاءِ احتجاجن جو دنگ اختيار ڪندي نوابشاهه، سڪرنڊ، حيدرآباد ۽ ڪراچي پريس ڪلبن ۾ مظاهرن جو سلسلو شروع ڪرڻ سان گڏ پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات ڪري انصاف جي حاصلات ڪندا، ٻي صورت ۾ڌرڻي جون به تياريون ڪري رهيا آهن ته ڇا انصاف کين ان طرح سان پلئه پوندو؟ هاڻي فرزانه جمالي کي 10 ڏينهن گذرن باوجود انصاف نه مليو آهي ۽ اوچتو ئي صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو فرزانه جمالي معاملي کي ميڊيا سامهون ڊرامو قرار ڏيئي ڇڏيو آهي، جنهن جو چوڻ هو ته ”شاگردياڻيون مارڪن لاءِ اهڙا الزام هڻنديون آهن، ڪيس جي جاچ پاڻ ڪئي آهي، وي سي ۽ پروفيسر بي ڏوهي آهن، فرزانه جمالي معاملي کي وڌائي پاڻ کي هيرو ڪري رهي آهي.“ صوبائي وزير جي اهڙي بيان بعد اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڊاڪٽر عذرا پيچوهو يونيورسٽي وئي هئي؟ ڇا هن جنسي حراسمينٽ آيل فرزانه جمالي سان ملاقات ڪري معاملي جي ڄاڻ ورتي هئي؟ ڇا هن ڪاميٽي پاران پروفيسر ۽ وي سي کي بيگناهه قرار ڏيڻ جي رپورٽ سامهون آئي آهي. هاڻي اهڙي بيان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر عذرا پيچوهو هڪ بااثر پروفيسر ۽ وي سي جي ڪرتوتن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، کيس گهرجي ها ته هوءَ جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ جو انتظار ڪري ها. يونيورسٽي وڃي معاملي جي ڄاڻ وٺي ها ۽ فرزانه جمالي سان همدردي طور ملاقات ڪري حقيقت حال معلوم ڪري ها ۽ انصاف جي خاطري ڏياري ها پر هن ايئن نه ڪيو ۽ سياسي بيان ڏئي معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري عورت ذات جي توهين ڪئي آهي. ٻي پاسي شاگردياڻي فرزانه جمالي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي بيان کي رد ڪندي هن جاچ ڪاميٽي کي به قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته فرزانه جمالي جو چوڻ هو ته عذرا پيچوهو جي بيان بعد کين ۽ گهر ڀاتين کي جان جو خطرو آهي. صوبائي وزير هڪ عورت ٿي بگهڙن جي حمايت ۾ بيان ڏنو آهي. جڏهن ته فرزانه واضح لفظن ۾ اهو چيو ته عذرا پيچوهو نه مون سان ملي آهي ۽ نه ئي منهنجي يونيورسٽي وئي آهي پوءِ ڪهڙي ريت هن واقعي کي ڊرامو قرار ڏنو آهي. هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان به پاڻمرادو نوٽس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هو اميد ٿي ڪري ته ساڻس انصاف ٿيندو. اهوته ايندڙ وقت ئي ٻڌايئندو ڇا کين منو ڀيل جيان هڪ هزار ڏينهن کان وڌيڪ احتجاج ڪرڻا پوندا يا ايس آر ٽي سي ملازمن جيان 7 سال انوکا احتجاج ڪرڻا پوندا؟ پر حيرت ته ان ڳالهه تي آهي ته واقعي جي نه ته حڪومت ۾ ويٺل وزيرن ۽ چونڊيل مقامي عيوضين وڪالت ڪئي آهي. ۽ نه ئي وري مخالف ڌر توڙي قوم پرستن ان واقعي تي ڪو تحرڪ وٺي رد عمل ڏيکاريو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اين جي اوز زحمت ڪئي آهي، ڇا جوابدارن کي زمين ڳهي ويئي يا آسمان تي اڏري ويا. اهو پڇڻ شينهن سان ٽڪر کائڻ هوندو. اهڙي صورتحال بعد رياستي مشينري جي اهڙن پرڪارن ۽ پر امن احتجاجن جو ڪو کڙتيل نڪرندو؟

جمالي برادري جي هن صبر واري روايت قائم ڪرڻ ۽ وس وارن جي ويتر صلاح جي سازش کي سوڙهو ڪرڻ آهي، جنهن جو اختيار ڌڻي هڪ دم نوٽس وٺندي پيراڻيون گاڏيون حرڪت ۾ اچن. چونڊيل عيوضي ٻوٽو نه ٻارين ته جيئن وارثن جي امڙ ۽ پيءَ کي تسلي ملي سگهي، اسان جا سياستدان سدائين ڪوڙيون دعوائون ڪري عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيندا رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته جڏهن عوام ۾ خدمتون وٺڻ جي عادت بڻجي ويئي ته دعوائون ڪندڙ سياستدانن ۽ حڪمرانن جي سياست جو سج هميشه لاءِ غروب ٿي ويندو پر اسان جا حڪمران شايد انهي ڳالهه کي وساري چڪا آهن ته رب نه ڪري جيڪڏهن ملڪ ۾ اهڙي قسم جا جرم وڌيا ته دشمنن کي اسان تي وار ڪرڻ جا موقعا ملي ويندا، جنهن سان خدا نه ڪري پرديس جي سلامتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. جنهن سان به انهن جي سياست جو سج هميشه لاءِ لهي سگهي ٿي. جنهن ڪري اسان جي حڪمرانن کي گهرجي ته هو عوام ۽ خاص طور عورتن کي عملي تحفظ فراهم ڪن ڇاڪاڻ ته عملي تحفظ ئي عورت کي ديس جي خدمت لاءِ اڳتي آڻي سگهي ٿي. باقي وزيرن جون خالي کوکليون دعوائون ئي رهجي ويون آهن! هاڻي ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم عمران خان، سنڌ جي گورنر، وزيراعليٰ سنڌ ۽ سول سوسائٽي کان فرزانه جمالي سوڌو پوري قوم جو مطالبو آهي ته شهيد بينظير يونيورسٽي اندر سنڌي نياڻين کي جنسي حراسان ڪرڻ واري معاملي جو فوري طور نوٽس وٺي ملوث ليڪچرار عامر خٽڪ ۽ وي سي ارشد سليم کي عهدي تان هٽائي فرزانه جمالي جي والد خلاف داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪنهن کي به اهڙي جرئت نه ٿئي.