چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
چندي سان ملڪي معيشت ۾ ڪيترو سڌارو اچي سگھندو؟ 
خادم رند

عمران خان جي پي ٽي آءِ سرڪار کي ملڪ ۾ جيڪي وڏا ۽ بنيادي مسئلا درپيش آھن، تن جي فھرست ته ڪافي ڊگھي آھي پر جيڪڏهن اختصار کان ڪم وٺندي چند مسئلن جو ذڪر ڪجي ته انهن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين خراب ملڪ جي معاشي حالت، پاڻي ۽ توانائيءَ جو بحران، پرڏيهي پاليسي جو متوازن نه ھجڻ، سويلين ۽ ملٽري اختيارن جي وچ ۾ واضح حد بندي جو فقدان، مذهبي انتها پسندي، فرقي پرستي ۽ ملڪ جي مذهبي ڌرين پاران خالص آئيني، قانوني ۽ حڪومتي معاملن ۾ مداخلت ۽ سرڪار کي بليڪ ميل ڪرڻ، آمرن پاران آئين ۾ ڪرايل تڪراري ترميمون، انساني ۽ خاص طور اقليتن جي حقن جي شديد لتاڙ، اڻڌريو، شفاف احتساب ۽ مختلف کاتن مان سياست جو خاتمو شامل آھن.

انهن مان حڪومت جو زور رڳو نيب کي فعال ۽ بااختيار بڻائي ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب ڪرڻ، مني لانڊرنگ وسيلي ملڪ مان ٻاهر موڪليل رقم واپس آڻڻ، ملڪ جي عوام ۽ پرڏيھ رهندڙ پاڪستانين کان چندو وٺي ملڪ مٿان چڙهيل قرض لاھڻ ۽ نوان ڊيم تعمير ڪرڻ تي ئي آھي. باقي پرڏيهي پاليسي، سول- ملٽري لاڳاپن، مذهبي انتهاپسندي، ملڪ ۾ انساني حقن جي بدترين لتاڙ (خاص طور رياستي ادارن پاران سياسي، سماجي ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ) ۽ آئين مان متنازعه ترميمون ختم ڪرڻ جھڙن اھم ترين معاملن تي وزيراعظم ڳالھائڻ کان لنوائيندو رھيو آھي. عمران خان کي اقتدار تي ويٺي جيئن ته ٿورو وقت ٿيو آھي ۽ ملڪ جا مسئلا تمام گهڻا آھن، تنهنڪري هينئر کان ئي تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪجي پر عوام پاران چونڊيل وزيراعظم جو ملڪ جي ٻرندڙ معاملن تي نه ڳالھائڻ ڪو سٺو سنئوڻ نٿو سمجھو وڃي.

هينئر نظر اچي رھيو آھي ته عمران خان ملڪ جي ابتر معاشي حالتن ۽ پاڻيءَ جي شديد کوٽ تي سڀ کان وڌيڪ توجھ ڏئي رھيو آھي. ان ڳالھ جو اندازو ھن پاران جمعي (7 سيپٽمبر) تي قوم لاءِ جاري ڪيل پيغام مان به لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو گھڻي ڀاڱي انهن مسئلن بابت ئي هو.

وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ کي وڏو ڳنڀير مسئلو قرار ڏيندي، ان جي ترت حل تي زور ڏنو. سندس چوڻ ھو ته جيڪڏهن پاڻي جو معاملو حل ڪرڻ لاءِ هينئر کان ئي ڪم شروع نه ڪيو ويو ته 2025ع تائين ملڪ سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندو، ان ڪري نون ڊيمن جي تعمير اڻٽر بڻجي چڪي آھي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اُھي جتي به آھن، اڄ کان ئي پنهنجي مستقبل لاءِ ڊيم فنڊ ۾ رقم ڏيڻ شروع ڪن. خاص طور ھُن پرڏيھ ۾ رهندڙ اٽڪل 80 کان 90 لک پاڪستانين کي پرزور اپيل ڪئي ته توهان مان هر هڪ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ 1000 ڊالر موڪلي ته اسين ايندڙ پنجن سالن ۾ نه رڳو ڊيم ٺاهي وٺنداسين پر ملڪ جا ناڻي وارا ذخيرا به بھتر ٿي ويندا ۽ اسين قرض وٺڻ کان به بچي پونداسين. ھن واضح لفظن ۾ اقرار ڪيو ته ڊيم لاءِ دنيا اسان کي پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. وزيراعظم عمران خان ملڪ جي چيف جسٽس پاران ڊيمن جي تعمير لاءِ قائم ڪيل فنڊ کي وزيراعظم واري فنڊ سان گڏائڻ جي به ڳالھ ڪئي. واضح ھجي ته ڪجھ وقت اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار ملڪ ۾ پاڻي کوٽ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سرڪار کي حڪم ڏنو ھو ته ديامير ڀاشا ۽ مھمند ڊيمن جو ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي. ان کانسواءِ ھن عوام کي اپيل ڪئي ھئي ته ان مقصد لاءِ چندو ڏين، جنهن ۾ ھن مھل تائين 180 ڪروڙ رپيا جمع ٿي چڪا آھن. عمران خان چيو ته ملڪ ۾ رڳو 30 ڏينهن تائين پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش موجود آھي، جڏھن ته ڀارت ۾ اھڙي گنجائش 190 ڏينهن تائين جي آهي ۽ مصر ۾ وري سموري سال لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آھي. ھُن پاڪستان لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 120 ڏينهن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. عمران خان انگ اکر ڏنا ته 1947ع ۾ ھر ماڻهوءَ لاءِ 5600 اسڪوائر ميٽر پاڻي موجود ھو، جيڪو هينئر گھٽجي فقط 1000 اسڪوائر ميٽرن تائين رهجي ويو آھي.

وزيراعظم پاران مٿيون ڳالهيون ته برابر ٻڌڻ ۾ سٺيون لڳن ٿيون پر ڇا هاڻوڪي چونڊيل سرڪار وٽ ملڪ جو قرض لاھڻ، ناڻي جا ذخيرا بھتر ڪرڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيمن جي اڏاوت لاءِ فقط اڪيلو اھو ئي رستو بچيو آھي ته سمورين مالي ذميوارين جو بار ڏتڙيل عوام جي ھيڻن ڪلھن تي رکي ڇڏجي؟ ڪيتري نه عجيب ڳالھ آھي جو عوام کي نئون پاڪستان بڻائڻ جھڙو خواب ڏيکاريندڙ عمران خان وٽ سنگين معاشي مسئلي جو حل چندو وڃي رھيو آھي؟ 

ھتان جي عوام ملڪ مٿان قرضن جو بار ھلڪو ڪرڻ سميت معاشي بهتري لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري ٿي ته اسان جون اکيون ٿڌيون پر توقع ايتري رکجي جيڪا ممڪن ھجي. ملڪ کان ٻاهر رھندڙ پاڪستانين جي اڪثريت مزدور ۽ پورھيت طبقي سان واسطو رکي ٿي، جن کي ھڪ ھزار ڊالر ڪمائڻ لاءِ ڪيترو نه پگهر وھائڻو پوندو ھوندو؟ ٻي اھم ڳالھ ته ھتان جون حڪومتون پاڻ مٿان عوام جو اعتماد اڳ ئي وڃائي چڪيون آھن. عوام کان وري وري قربانيون گھرندڙ حڪمران ٻڌائي سگھندا ته ھنن ملڪ جي عوام کي سکيو رکڻ لاءِ ڪھڙا جتن ڪيا آھن؟ ماڻهن کان ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پاران ملڪ مٿان چڙهيل قرض لاھڻ لاءِ ”قرض اتارو ملڪ سنوارو“ واري اسڪيم به نه وسري آھي، جنھن وسيلي ملڪ جو قرض ته واھ جو لٿو پر جمع ٿيل رقم ڪاڏي وئي، تنهن جي اڄ تائين ڪا خبر ناهي. ان حقيقت جو ڀانئجي ٿو ته عمران خان کي به احساس آھي، تڏھن ته ھن پنهنجي پيغام جي آخر ۾ ماڻهن کي خاطري ڪرائي آھي ته توهان ھن ڊيم فنڊ ۾ پيسا ڏيو، توهان جي پيسن جي مان پاڻ حفاظت ڪندس. ان ڪري ڪجھ عقل کان ڪم وٺجي ته ماڻهن کان چندو وٺي ڪا مسجد يا مدرسو ته جوڙائي سگھجي ٿو يا ڪو ادارو ھلائي سگھجي ٿو پر پاڻ واري معاشي گھوٽالي جي شڪار ملڪ کي پيرن تي نٿو بيھاري سگهجي، جنهن مٿان چڙهيل قرض 30 ھزار ارب ڊالر ٻڌايو وڃي ٿو.

عمران خان جي نيت ۽ جذبي تي ڪو شڪ نٿو ڪجي پر ملڪي معيشت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ اھي ساڳيا قدم کڻڻا پوندا، جيڪي دنيا جا ملڪ ڪاميابيءَ سان آزمائي چڪا آھن. اھڙن ملڪن ۾ ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ سميت ڪجھ آفريڪي ملڪن جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. ڏسون ته عوام کان چندي وٺڻ واري مھم آخر ۾ ڪھڙا نتيجا ٿي ڏيکاري؟