چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
آليون اکيون اداس موسم
ميان مير چانڊيو

هن وقت جڏهن سانوڻي موسم پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ واري آھي ۽ هيل سال بوندون نه برسڻ ڪري ٿر سميت جابلو، اتر ۽ لاڙ جا سارا علائقا ويران لڳا پيا آھن. هن موسم ۾ خوشي جا ڳايا ويندڙ سارا گيت ڄڻ اڃارا ئي رهجي ويا آھن، انهن لوڪ گيتن کي ڳائيندڙ چارڻ به اڃارا آھن، ڄڻ سارا لوڪ گيت، ڳائيندڙن جي نڙين ۾ اٽڪي پيا آھن ۽ سنڌ جا سارا لوڪ ساز به وقت جي بي رحم دز ۾ لٽجي، ڀُري، ڪسجي رهيا آھن. اهي ساز بوڙينڊو، چنگ، نڙ، دلو، سارنگي، ڍولڪ، تنبورو ۽ ٻيا ساز جڏھن وسندڙ بادلن ۾ وڄندا هئا ته سانوڻي راتيون پيار جي سار سان ايئن ڀرپور ٿي وينديون هيون جيئن آبڪلياڻي ۾ مهراڻ موجن ۾ ھوندو آھي. هيلوڪو ته مهراڻ به موجن ۾ نه رهيو آھي ۽ نه ئي ڪڪر بانورا ڪارونجهر کي ڳل لڳا آھن. هيل ته مور به ڪوڪي ساڻا ٿي پيا آھن ۽ تاڙا به وسڻ جو آسرو لاهي ڪنهن اڄاتي پار اڏامي ويا آھن. انساني دلين تي نه فقط موسم جي اڳوڻي سونهن جي يادگيرين جو بوج وڌي ويو آھي، پر انهن لاءِ پاڻي نه هئڻ ڪري سڙيل سارين جو ٻيجارو ۽ رهيل رونبي جو درد به پراڻي گهڙيال جي ڪانٽي جيان ٽڪ ٽڪ ڪري رهيو آھي. اتر، لاڙ ڪاڇي، ٿر ۽ جابلو علائقن ۾ برسات وسڻ سان مختلف فصلَ پوکڻ جي شروعات ٿيندي هئي ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ٿيندي هئي. باراني علائقن ۾ برساتون پوڻ سان تر، مڱ، گدرا، ڇانهيون ۽ ڀاڄيون پوکجڻ سان گڏوگڏ گاهه به ڦٽندا هئا، جنهن ڪري آبادگارن سان گڏ مالوند به خوش ٿيندا هئا، ليڪن هن وقت برساتون نه وسڻ ڪري ٿر ته بر ئي بر آھي، گڏوگڏ بئراجي علائقا به بَر جو ڏيک ڏيئي رهيا آھن. هڪ پاسي پاڻي جي شديد کوٽ، مٿان وري بارشون نه پوڻ ڪري سنڌ واسين جا سور ٻيڻان ٿي ويا آھن.

هاڻي جڏھن موسم بدلجي رهي آھي ۽ احساسن جي سرحدن تي ويندڙ موسم جا گهاءُ وڻاءُ جيان رهجي ويا آھن ۽ ايندڙ موسم جا نکرندڙ رنگ ڦڪا پوڻ جا امڪان وڌندا ٿا وڃن ته ان وقت انساني جذبن جي دنيا ۾ نوان الميا جنم وٺڻ وڃي رهيا آھن. آگسٽ مهينو جيڪو هاڻي موڪلائي رهيو آھي، هي اهو مهينو آھي، جنهن ۾ سنڌ ۾ سارين جي مختلف جنسن جي نيسر جو وقت هوندو آھي. جڏھن هن مهيني ۾ ساريون نسرنديون هيون ته انهن جي خوشبو پٽ واسي ڇڏيندي هئي. ان ئي مهيني ۾ جڏھن سانوڻ وسي اوڪاڻبو هو ته هڪ پکي جنهن کي عرف عام ۾ جهنگ ڪڪڙ چئبو آھي، اهو پکي جڏھن راتين ۾ ڪوڪڻ شروع ڪندو هو ته ساري رات ماٺ ئي نه ڪندو هو. ان جي ٻولي نوائي جي هانءُ ۾ ڄڻ خنجر جيان پئي محسوس ٿيندي هئي. ليڪن هن سال نه سانوڻ اٺو، نه ڪڪرن جي ڪار ٿي، نه کنوڻين کيل ڪيا، نه تاڙن جون تنوارون ڪنن تي پيون، نه ملهاري راڳڻي ڪنهن ڇيڙي، نه ئي جهنگ ڪڪڙ ڪوڪي نوائي جي ننڊ ڦٽائي!

هاڻي جڏھن موسم موڪلاڻي ڪري رهي آھي ته نه سارين جو فصل پوکجي سگهيو آھي ۽ نه ئي ولڙين ۽ وڻن ۾ گل ٽڙي سگهيا آھن. گذريل سالن ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ جڏھن موسم موڪلائيندي هئي ته نه فقط فطرت ڪر موڙي اٿندي هئي، پر سارو عالم آسودو هوندو هو. پاڻي پوري مقدار ۾ ھئڻ ڪري آباديون پوکجي چڪيون هونديون هيون. نومبر ڌاري ساريون سونا سنگ نمائينديون هيون، جابلو ۽ ريگستاني علائقن کان لاهيارا به لاباري ڪرڻ خاطر لڏي ايندا ھئا. اهي لاهيارا جڏھن سارين جو لاب ڪندا هئا ته نوان نوان لوڪ گيت سارين جي فصلن مان گنگنائجڻ لڳندا هئا ۽ نومبر جي مهيني کي ڄڻ نوان چنڊ لڳي ويندا هئا. سنڌ جا شاعر نومبر مهيني کي محبوب مهينو ڪري ڳائڻ لڳندا هئا. ان مهيني جي هڪ ٻي خوبي اها به آھي، جو ان مهيني دوران اتر واءُ به لڳڻ شروع ٿيندو آھي. عشق جي ستايل دلين ۾ پنهنجي پرين سان ملڻ جي هڪ نئين هلچل پيدا ٿي ويندي آھي.

ڪڏھن ڪڏھن واٽ ويندي ڪي اهڙا گيت به ٻڌبا هئا جيڪي روح کي جنجهوڙي وجهندا هئا،

’لابارا لهي ويا، اڃان تون نه آئين‘

يا

اترڙو ٿو لڳي، هاڻي ڀلا هلي آءُ،

يا

وري، ڪونجون ڙي ڪونجون،

منهنجو نياپو کڻي وڃو،

پرين کي چئجو، آئون ويٺو سڪان،

اوهان جون واٽون پيو تڪيان،

ليڪن هيلوڪي نومبر ۾ اتر به لڳندو، آڪاش ۾ ڪونجن جون اڏارون به هونديون، پر سنڌ ۾ سارين جو فصل نه هئڻ برابر ڪري، شايد لاهيارا لاڙ جو رخ نه ڪري سگهن ۽ انهن جي واتان اهي لوڪ گيت ٻڌي نه سگهجن، جيڪي سادن ٻولن ۽ نرالي انداز سان روح کي ايئن ڪشش ڪن ٿا، جيئن چقمق لوهه کي چنبڙندو آھي. انساني تاريخ جا ٻه وڏا الميا رهيا آھن، هڪ جنگيون ۽ ٻيو ڏڪار. انساني تاريخ ۾ جيتوڻيڪ جنگيون ته ازل کان لڳنديون رهيون آھن، گڏوگڏ ڏڪار به ٿيندا رهيا آھن، ڏڪار ٿيڻ جو قدرتي سبب برساتون نه پوڻ ھجي ٿو، پر پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ به هڪ سبب بڻجي ٿو. جيڪو واڳ ڌڻين جي وس آھي. هونئن ته پاڻي جي واڌ به تڏھن ٿيندي آھي، جڏھن زيادھ برساتون پونديون آھن ۽ برف ڳرندي آھي. پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جون نئيون وهي سنڌو درياهه جو رخ ڪنديون آھن ته سنڌو درياهه موج ۾ اچي ويندو آھي پر ڪڏھن ڪڏھن درياهه مان موجن واري مند ۾ به واري پئي اڏامندي آھي ۽ پتڻن تي ٻيڙيون اداس بيٺل نظر اينديون آھن. درياهه جي اها ويران حالت خاص ڪري تڏھن ٿيندي آھي جڏھن برسات نه وسندي آھي ۽ ساري ڌرتي صحرا ۾ سفر ڪندڙ ڪنهن مسافر جيان اڃاري هوندي آھي. برساتون نه وسڻ ڪري سنڌو درياهه کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪري ويران ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو. ليڪن پنجاب وٽان اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي حصي جو پاڻي به چورايو وڃي ٿو، جنهن ڪري سنڌو درياهه سال جا سارا مهينا سڪل رهي ٿو. فقط سندس پيٽ مان سرجندڙ پاڻي ئي سير ۾ موجود رهي ٿو، جنهن پاڻي ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪنگ تڙڳندي نظر ايندا آھن. سنڌو درياهه جي ڪنهن ڪنهن سال اهڙي ويران حالت صدين کان ٿيندي پئي رهي آھي، ليڪن سنڌو ندي جي آڳاٽين زميني حالتن ۽ موجوده حالتن ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. آڳاٽي وقت ۾ نه سنڌو درياهه کي ڪي رڪاوٽون هيون نه ئي ڊيم ۽ بند هئا. هو جڏھن ۽ جتان به رخ مٽيندو هو ته اتان پيو وهندو هو. سنڌ ۾ ڪيترائي آڳاٽا وهڪرا سنڌو درياهه جا وهڪرا ليکيا وڃن ٿا، انگريزن جي دور ۾ درياهه جا بند ٻڌي، پليون ٺاهي، زراعت کي هٿي وٺرائڻ خاطر ڪئنال ڪڍيا ويا ۽ اهڙي طرح هڪ سسٽم تحت ڏورانهن علائقن جي زمينن تائين پاڻي جي رسائيءَ جو بندوبست ڪيو ويو. ليڪن هاڻي سنڌو درياهه جي اها صديون پراڻي حالت نه رهي آھي جو جيڏاھن رخ ڪري اوڏهن پيو وهي. هاڻي ته ان کي بند ٻڌي ڊيم ٺاهي جڪڙيو ويو آھي! هاڻي ته ان کي ورڇ جي حساب سان وهايو وڃي ٿو. ڪاش اها پاڻيءَ جي ورڇ منصفاڻي هجي ته ڏڪار جون حالتون هوند پيدا ئي نه ٿين. باقي ٿر ۽ جابلو علائقن ۾ جتي سنڌو نديءَ جي پاڻي جي رسائي ناهي، اتي برساتون نه پوڻ ڪري ڏڪار ٿيڻ اڻٽر هوندو آھي. ليڪن جتي جتي دريائي پاڻي جي رسائي ڪئنالن وسيلي اڳ ئي موجود آھي، انهن علائقن ۾ ڏڪار جو ڪڙڪي پوڻ وقت جي حاڪمن جي نااهلي ۽ سنڌ سان ٻه اکيائي ئي آھي. گهڻي وقت کان وٺي سنڌو ندي تي نون ڊيمن ٺاهڻ جو راڳ آلاپجي رهيو آھي. جيتوڻيڪ ان کان اڳ ئي سنڌو تي ڊيم ٺھيل آھن. پاڻي جو ڊيمن وسيلي ذخيرو ڪرڻ سٺي ڳالھ آهي، پر اهڙا ڊيم فقط ڪنهن هڪ صوبي جي فائدي ۾ نه ٺھڻ کپن، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان پاڻي جي کوٽ جي شڪار صوبن ۾ ويتر کوٽ ٿي ويندي ۽ بار بار ڏڪار پيو منهن ڪڍندو، جنهن سان انساني تاريخ جا بدترين الميا پيا جنم وٺندا.

هيلوڪي رُت نه صرف سنڌ جي ماڻھن جون خوشيون کسي ورتيون آھن، پر سوڪهڙي جا هاڃيڪار اثر جهنگلي جيوت، پکين ۽ وڻن تي به پيا آھن. صحرا درد جي نئين صدمي ۾ ڄڻ سراپا احتجاج آھن. اهي صحرا جتي سانوڻين ۾ اوٺي وڳ وٺي نين دولارن سان نروار ٿيندا هئا، لاڻين ۽ کٻڙن سان هر وقت هم ڪلام هوندا هئا، هاڻي انهن اڃايل صحرائن مٿان ڪڪر به ڇانوَ ڪونه ٿا ڪن.

منهنجي مٺڙن مارن تي الا، ڪڪر ڇانو ڪجان!

مينهن جي موٽ ڪجان، جهڙ جي جهول ڪجان

جهڙا ڪيترائي لوڪ گيت اڃايل ڌرتي جي پڪار جيان چپن تي آيل آخري لفظن جيان رهجي ويا آھن. ٿر ۽ جبل جا رهواسي انهن سوين گيتن کان محروم رهجي ويا آھن، جيڪي وسڪاري دوران يا ان کان اڳ خوشي جي موقعي تي ڳايا وڃن ٿا، جنهن ۾ همرچو ۽ ڪارڙو ڪمارڙو اهم لوڪ گيت آھن. جيتوڻيڪ ڪارڙو ڪمارڙو برسات پوڻ کان اڳ ۾ ڳايو ويندو آھي، جنهن ۾ برسات وسائڻ جي اپائڻھار کان التجا ڪئي ويندي آھي. جڏھن اهو گيت ساٽن سونڻن سان گڏ ڳائي بس ڪبي آھي، ته ڪڪر ڪار ٿي ويندي آھي ۽ برسات پوڻ جا سانباها ٿيڻ شروع ٿيندا آھن، پر جڏھن وسڻ جي موسم موٽ کائيندي آھي ته انهن گيتن ۾ اهو رس چس باقي نه رهندو آھي ۽ اهي گيت ايندڙ ان ساڳي موسم ۾ ڳائڻ لاءِ دل ۾ سانڍي رکيا ويندا آھن ۽ نئين ايندڙ موسم لاءِ وري ٻيا گيت ڳائبا آھن. جيڪي موسمن جي مزاج جا هوندا آھن. ايندڙ موسم ۾ ڪهڙا گيت ڳايا ويندا؟ ان جي ته ڪائي خبر نه آھي، ليڪن ڏڪار جهڙين حالتن کي ڏسي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته درد ڀريا گيت سرد هوائن جي سرڙاٽن سان هم سفر رهندا ۽ چانڊوڪيون بنا چلولائين جي جيءَ کي جهورڻ لڳنديون.