چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
سربراهه مملڪت عارف علوي ۽ داستانِ ايوان صدر؟
عبداش پنهور

 

صدارتي چونڊ ۾ آصف علي زرداري جي ڪاميابي، بعد ۾ آيل ممنون حسين ۽ هاڻ عارف علوي جي ڪاميابيءَ جو هڪ گڏيل تعارف اهو آهي ته ايوان صدر ۾ چونڊجي پهتل هي ٽئي شخصيتون سنڌ سان تعلق رکن ٿيون. ٻيو اهم تعارف اهو آهي ته ٽئي شخصيتون سرمائيدار آهن، ٽيون تعارف اهو به ته ٽنهين شخصيتن کي شاعري پسند آهي. آصف علي زرداري ته انقلابي شاعر حبيب جالب، فيض احمد فيض ۽ احمد فراز کي پسند ڪندو رهيو آهي. ايوان صدر ۾ بظاهر عوامي ووٽ وسيلي پهتل انهن ٽنهي شخصيتن جو اڳ ڪو ايڏو وڏو سياسي پسمنظر به ناهي پر سندن سياسي سٻنڌ مشهور سياسي پارٽين سان ضرور آهي. ممنون حسين ايوان صدر ۾ پهچڻ کان اڳ ڪراچي چئمبرس آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ايسوسئيشن جو سرگرم سيٺ ضرور رهيو آهي، سندس پراڻو گهر ڪراچي ۾ ڊي جي سائنس ڪاليج ڀرسان هو. ڪپڙي جي صنعت جو واپاري ممنون حسين 1997ع وارين عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ (ن) ليگ جي اتحادي قائم ٿيل وڏي وزير لياقت علي جتوئيءَ جي حڪومتي دور ۾ بقلمدان صلاحڪار هو. ڪراچي ۾ صحافتي دور ۾ ان سان جڏهن ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو ته هو ادب دوست طبقي جو سيٺ نظر آيو. اڳتي هلي تنهن زماني جي وزيراعظم نواز شريف هن کي سنڌ جو گورنر اُن وقت بڻايو هو، جڏهن وفاقي سرڪار لياقت علي جتوئيءَ جي گورنمينٽ کي ڊسمس ڪيو هو ۽ سيد غوث علي شاهه جي سربراهي ۾ جيڪا وزيراعظم سنڌ صلاحڪاري سرڪار قائم ڪئي هُئي، تنهن کي ڪجهه ليکارين ”وائيس راءِ“ جو لقب ڏنو هو. اهڙي سياسي ماحول مان ممنون حسين وڃي ايوان صدر پهتو جنهن پنهنجو آئيني مدو ته پورو ضرور ڪيو آهي پر سندس اها پارٽي جنهن ان کي سربراهه مملڪت جي تمام وڏي رتبي تائين پهچايو، اها ن ليگ سندس ئي صدارتي دور ۾ جنهن عتاب ۽ عذاب مان گذري آهي، هاڻ اها لوڪ پچار بڻجي وئي آهي.

پاڪستان ۾ سربراهه مملڪت جو رتبو صدارتي عهدي کي حاصل آهي. وزيراعظم حڪومت جو سربراهه هوندو آهي. برطانوي ڀاڄ کان پوءِ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح هيڊ آف اسٽيٽ رهيو؛ مطلب ته سربراهه مملڪت جو اهو درجو باني پاڪستان کي حاصل هو. 1956ع جي آئين ۾ پاڪستان ۾ صدر مملڪت جو عهدو شامل ڪيو ويو. سڪندر مرزا ان حوالي سان پهريون صدر مملڪت هو. ان کان اڳ سڪندر مرزا گورنر جنرل رهيو. 1956ع واري آئين ۾ سربراهه مملڪت جو عهدو پيدا ڪيو ويو هو، جيڪو عهدو ملڪ جي سڀني عهدن کان وڏو عهدو آهي. ايوان صدر ۾ سڪندر مرزا، فيلڊ مارشل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو، چوڌري فضل الاهي، جنرل ضياءُ، غلام اسحاق خان، عبوري صدر وسيم سجاد، فاروق لغاري، جسٽس محمد رفيق تارڙ، جنرل پرويز مشرف پڻ پنهنجي پنهنجي ڌار ڌار طريقت سان انهيءَ ڪرسي تي ويٺل رهيا آهن. جنرل ايوب، جنرل ضيا ۽ پرويز مشرف صدارتي عهدي جي حاصلات لاءِ ريفريڊم ڪرايو پر پهريان ايوان صدر تي قبضو ڪيو، پوءِ ريفريڊم ڪرايو ويو هو. جنرل يحيٰ خان ۽ ڀٽو عبوري صدر رهيا. تاريخ ۾ آصف علي زرداري جي دور کي مفاهمتي صدر جو دور ليکيو ويندو.

1973ع واري آئين ۾ 18هين ترميم کان اڳ سواءِ ڪنهن مارشل لا جي نظام حڪومت جي، باقي ماضي جي هر هڪ دور ۾ جيڪڏهن وزيراعظم هائوس کي خطرا رهيا آهن ته سڌي طرح ايوان صدر مان. مرحوم غلام اسحاق خان ته ٻه حڪومتون ۽ ٻه اسيمبليون ڳڙڪايون، جنهن سبب ٽرائيڪا جو سياسي اصطلاح هو. 58 ٽو (بي) جي استعمال سان تاريخ ۾ صدر مملڪت جو اهو انداز وقت جي حڪومت سان گڏ پارليامينٽ کي ڳڙڪائي ڇڏيندو هو. 5 جولاءِ 1977ع واري آمريتي ڇتي مارشل لا جيڪا تنهن وقت جي آرمي چيف جنرل ضياءُ لڳائي، تنهن، اڳتي هلي جيڪا 8 آئيني ترميم ڪرائي غير جماعتي چونڊن سان آيل پارليامينٽ کان تحفظ حاصل ڪيو. ان عمل ايوان صدر کي وڏي سگهه بخشي ڇڏي. 58 ٽو (بي) آئيني فقرو به ان عمل جو هڪ مثال هو، تنهن فقري کي اڪيلي سر نه محترمه بينظير ڀٽو ختم ڪرائي سگهي، نه وري اڪيلي سر نواز شريف ختم ڪرائي سگهيو. هڪ هڪ ڀيرو ڌار ڌار انداز سان 58 ٽو (بي) جو نشانو بڻيل محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف آخرڪار گڏجي 1998ع ۾ آئيني ترميم سان ان 58 ٽو (بي) کي ختم ڪرايو، جنهن لاءِ آئين ۾ 14هين ترميم ڪئي وئي پر باضابطا طور پارليامينٽ جا عوامي سمورا اختيار پ پ پاران چونڊيل صدر آصف علي زرداري بحال ڪيا. تنهن وقت ئي هڪڙن مبصرن نئون بحث شروع ڪيو ته پ پ ۽ ن ليگ قيادت اهو ضرور گڏيل ڪم ڪيو پر انهن جي سياسي مخالفن جو خيال آهي ۽ دليل آهي ته جيڪڏهن 58 ٽو (بي) جو وجود هجي ها ته 12 آڪٽوبر 1999ع واري ايمرجنسي (مني مارشل لا) لاڳو نه ٿئي ها. 12 آڪٽوبر 1999ع تي تنهن وقت جيڪي نواز شريف تڪڙا فيصلا ڪيا، اهي شام تائين کيس ڳچي ۾ پئجي ويا ۽ پوءِ جيڪو ٿيو اهو جهان ڏٺو.

اها ته اسان جي تاريخ آهي ته ڪنهن به قسم جي وزيراعظم پنهنجو آئيني مدو پورو نه ڪيو آهي، پوءِ ڀلي ڇونه سنڌڙي جو محمد خان جوڻيجو هجي يا کڻي ظفرالله جمالي هجي، جيڪي آمريتي دور جي لاڏلن وزيراعظمن مان ڳڻيا وڃن ٿا. لاڏلو ته ذوالفقار علي ڀٽو به هو، ان سان ڪهڙو ورتاءُ اختيار ڪيو ويو؟ اهو تاريخ جي رڪارڊ تي آهي. ڀٽو مخالف ڌر خلاف جنهن طاقت جو استعمال ڪيو، جنهن لاءِ پڻ تاريخ جو رڪارڊ موجود آهي، عوام جي طاقت جو چسڪو جنهن چکيو، اهو وري ڪڏهن به آمريتي سوچ ڏانهن موٽ نه ڪندو آهي، اهو جيل قيد جلاوطني سميت هر سزا قبول ڪندو آهي پر ٻيهر آمريتي سوچ ڏانهن موٽ نه ڪندو آهي. اهو ڪڏهن ڀٽو بڻجي ويندو آهي ته ڪڏهن نواز شريف، پر صدارتي عهدي تي ڪير به هجي اهو ڪردار ڪڏهن غلام اسحاق خان ته ڪڏهن فاروق لغاري ته وري ڪڏهن رفيق تارڙ بڻجي ويندو آهي. ياد رهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي آڪٽوبر 1996ع ۾ فاروق لغاري حڪومت کي ختم ڪيو هو، جيڪو پ پ پ جو ماضي ۾ جنرل سيڪريٽري رهي چڪو هو. ان کان اڳ اسٽبلشمينٽ سان سرچاءُ جي آڌار تي پ پ صدارتي عهدي تي غلام اسحاق خان کي چونڊرايو هو، جنهن جو صدارتي چونڊ ۾ مقابلو برک سياسي جمهوري اڳواڻ نوابزه نصرالله خان سان ٿيو هو. ايم آر ڊي جي ساٿي خلاف پ پ جي هن فيصلي تي سياسي مخالفن ڀرپور تنقيد شروع ڪئي هئي. پ پ جي اها حڪومت 6 آگسٽ 1990 ع تي ختم ڪئي وئي ته سياسي اصطلاح طور ڪُجهه صحافتي ڌرين ان عمل جو انوکو نالو مڊنائيٽ جيڪالز آپريشن رکيو هو. اهو ٽرائيڪا جو ٽڪر هو جنهن حادثي جو نشانو عوامي چونڊيل حڪومت کي بڻايو ويو هو. وري ووٽ ٿيا ته نواز شريف آءِ جي آءِ جي طاقت سان وزيراعظم ٿيو. اصغر خان ڪيس ۾ عدالتي فيصلي سبب نوي جو اهو ناٽڪ هاڻ رڪارڊ تي اچي چڪو آهي ته نوي جو اهو آءِ جي آءِ ناٽڪ ڇا هو؟ ايوانِ صدر ۾ ويٺل غلام اسحاق خان مرحوم جو وري نوازشريف سان به ٽڪراءُ ٿيو، ٽرائيڪا ٽڪر سبب سياسي تبديلي اها اچي وئي جو تنهن زماني ۾ آرمي چيف جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جو فارمولو مشهور ٿيو هو، جنهن سبب غلام اسحاق خان کي ايوان صدر ۽ نواز شريف کي وزيراعظم هائوس خالي ڪرڻو پيو. وري ووٽ ٿيا ته پ پ کي حڪومت ملي وئي، جيڪا پ پ جي اتحادي حڪومت هئي ۽ پ پ پاران صدارتي عهدي تي فاروق لغاري کي چونڊيو ويو هو. فاروق لغاري جي وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ن ليگ پاران ايوان صدر لاءِ محمد رفيق تارڙ کي صدر مملڪت بڻايو ويو پر جڏهن 12 آڪٽوبر 1999ع جو واقعو ٿيو ته نواز شريف سيد غوث علي شاهه ۽ اهم ساٿين سميت قيد ٿي ويو، بس پوءِ صرف بدنامِ زمانه جيل جلاوطني لبنان جي صدر حريري سهولتڪار جو اهو سبب بڻيو هو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي عرب جي بادشاهه جون اهڙيون مهربانيون ٿيون، جيڪي نواز شريف ڪڏهن پنهنجي حياتي ۾ وساري نه ٿو سگهي.

ايوان صدر ۾ جڏهن آصف علي زرداري به ويٺل هو تڏهن به اهو پنهنجي پارٽي جي چونڊيل وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي بچائي نه سگهيو. ممنون حسين به ايوان صدر ۾ ويٺل رهيو ته اهو قيدي نواز شريف لاءِ ڪُجهه به ڪردار ادا ڪري نه سگهيو. هتي اصل سوال اهو آهي ته سبب ڀلي ڪهڙا به هجن پر ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس ۾ ٽڪراءُ جو ڪارڻ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ هتي تعجب جي سوال سان اهم ڳالهه اها به آهي ته هن صدر عارف علويءَ کي ماضي وانگر ايم ڪيو ايم جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ تازن ووٽن ۾ سنڌ ۾ جيڏو وڏو جهٽڪو ايم ڪيو ايم کي ڏنو آهي، جيئن پنجاب ۾ ن ليگ کي زلزلي جهڙو ئي جهٽڪو ڏنو ۽ ڪي پي ڪي ۾ 2013ع جي عام چونڊن ۾ خان عبدالولي خان جي پارٽي اي اين پي کي جهٽڪو ڏنو، ساڳيو سلوڪ سنڌ ۾ هن ڀيري ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سان ڪيو ويو پر پوءِ به ”نظريه ضرورت عرف نظريه مجبوري“ صدارتي چونڊن ۾ انهن عارف علوي کي ووٽ ڪيو آهي.

ڏندن جو ماهر ڊاڪٽر عارف علوي بطور صدر مملڪت ماضي جي ايوان صدر ۾ ويٺل ڪردار کان ڪيئن مختلف هوندو؟ انهي سوال جو جواب سندس ڪردار تي ڇڏيل آهي. ڇو ته پ پ کان وڏي رنج جي رڙ اها ٿي نڪري ته هاڻ وڏو خطرو 18هين آئيني ترميم رول بيڪ جي سوال سان سلهاڙيل آهي، جنهن جو تسلسل ملڪگير حالتون آهن. مئي 2006ع ۾ لنڊن ۾ پ پ ۽ ن ليگ قيادت پاران چارٽر آف ڊيموڪريسي سائن ڪرڻ کان پوءِ سال اندر ن ليگ ۽ پ پ جا رستا الڳ ٿيڻ جو وڏو سياسي دليل ڏنو پيو وڃي جو لنڊن ۾ اپريل 2007ع ۾ ن ليگ جي اي پي سي جيڪا مڊنائيٽ ۾ اي پي ڊي ايم مائنس پ پ اتحاد ۾ تبديل ٿي وئي. انهي پسمنظر ۾ مبصرن جو خيال آهي ته آصف علي زرداري جو عارف علوي جي مقابلي ۾ پ پ پ پاران برک اڳواڻ اعتزاز احسن کي سامهون آڻڻ جو تجربو ماضيءَ جي پسمنظر کي سامهون رکي ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته مفاهمت جو بادشاهه اڳتي وڌڻ چاهي ٿو ته جيئن 18هين ترميم جو هر حال ۾ تحفظ يقيني بڻايو وڃي، جنهن مقصد لاءِ پارلياماني سگهه ايوانن ۾ پ پ وٽ موجود آهي. جنهن ڳالهه جو اشارو خورشيد شاهه به ڏيئي چڪو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي بهتر قدمن جي پ پ ايوان اندر توڙصي ٻاهر حمايت ڪندي. سنڌ سان تعلق رکندڙ صدر عارف علوي جي چونڊ جو مثال به شايد انهيءَ عمل جي هڪ ڪڙي آهي، باقي هر ڪنهن جي سياسي پارٽي پنهنجي پنهنجي آهي. ڌار موقف هر ڪنهن سياسي پارٽي جو جمهوري حق آهي. ڇاڪاڻ ته وفاق ۾ ڀلي پي ٽي آءِ جي سربراهي واري اتحادي حڪومت هجي پر سنڌ سميت صوبائي حڪومتن جي بيهڪ ۾ حالتن جي حوالي سان تمام وڏو فرق آهي. پاڻي ۽ ناڻي ورڇ سميت ماضي جا سڀئي وڏا مسئلا نئين سرڪار جي سڀني قلمداني ڪردارن لاءِ اهم سوال بڻيل مامرا آهن. ايوان صدر پهتل سربراهه مملڪت عارف علوي خاص ڪري سنڌ سان ڪهڙو انصاف ڪري سگهي ٿو؟ سندس سياسي ساک لاءِ اهو اهم سوال آهي. ڇاڪاڻ ته سمنڊ ۽ سياست جو ٻيو پاسو ڪنهن به ناهي ڏٺو!