چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ملالا يوسفزئي پاران به ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

نئين دهلي/ لنڊن (م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ملالا يوسفزئي پاران به ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار، ميڊيا رپورٽ موجب ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ڀارت وزيراعظم نريندر مودي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ٻئي پاسي ملالا يوسفزئي به ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پاڪستان  بار جي صدر پڻ ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سوڳوار ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.