چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
وفاقي ڪابينا ۾ واڌ، ٽن نون وفاقي وزيرن ۽ ٽن مملڪتي وزيرن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ڪابينا ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ٽن نون وفاقي وزيرن ۽ ٽن مملڪتي وزيرن پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو آهي جڏهن ته محمد ميان سومرو مملڪتي وزير بڻائڻ جي ڪري ڪاوڙجي عهدي جو حلف نه کنيو، حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ جنهن ۾ نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي نون وزيرن ۽ نون مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو، تقريب دوران علي محمد خان، عمر ايوب ۽ حيدر علي زيدي وفاقي وزير جڏهن ته مراد سعيد، محمد شبير علي ۽ محمد حماد اظهر مملڪتي وزيرن جي عهدن جو حلف کنيو، محمد ميان سومرو جيڪو سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين، اڳوڻو نگران وزيراعظم رهي چڪو آهي ۽ صدر کي موڪليل سمري ۾ کيس مملڪتي وزير طور حلف کڻڻو هو پر محمد ميان سومرو مملڪتي وزير بڻجڻ جي آڇ ٺڪرائيندي حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.