چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
جيڪڏهن ملڪ ۾ 3 ڊيم ٺاهيا ويا ته ڪو به بکيو نه رهندو: خورشيد شاهه

سکر(رپورٽ: يار محمد سومرو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ 3 ڊيم ٺاهيا ويا ته ملڪ ۾ ڪو بکيو نه رهندو ، چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ جمهوريت هجي اهڙو نظام نه مڃبو جيڪو سلطاني هجي. عمران خان يو ٽرن پاليسي حڪومت ۾ به اختيار ڪئي ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا. گذريل ڏينهن سکر پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو تهگذريل عام چونڊون 6 وڳي تائين فيئر هيون ان کانپوءِ فري ۽ ڪجھ ٻيون ٿي ويون. چونڊن دواران ڪجھ اهڙيون ڳالهيون به ٿيون جن تي ملڪي مفاد سامهون رکي چپ رهياسين. هن چيو ته 14 سيپٽمبر کان اسيمبليءَ جو ريگيولر سيشن شروع ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ اهم مسئلا بحث هيٺ ايندا. شين جون قيمتون خطرناڪ حد تائين وڌي ويون آهن، ٽيڪسز وڌايون پيون وڃن جنهن جو سڌو بار عوام تي پوندو. ملڪ ۾ ايزي سسٽم لاڳوڪيو پيو وڃي . هن چيو ته  پيپلزپارٽي چونڊن تي اعتراض هوندي به ملڪ ۾ پرلياماني نظام کي پختو ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ وئي. پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر عمران خان کان چونڊن جي حوالي سان  فيصلو ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، هن به ڪاميٽي ٺاهڻ جو چيو آهي پر اڃا تائين ائين ناهي ٿيو. پارليامينٽ ۽ ان جا فيصلا سپريم آهن اتي ئي صحيح فيصلا ٿين ٿا. هن چيو ته هاڻوڪي حڪومت کي ڪم ڪرڻ ڏبو ، رڪاوٽ نه بڻبو چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ جمهوريت هجي اهڙو نظام نه مڃبو جيڪو سلطاني ۽ دٻڙ دونس وارو هجي. اڳين حڪومت کي وقت ڏنو هو هن حڪومت کي به وقت ڏبو. هن چيو ته عمران خان جيڪي سلوگن ڏنا آهن اهڙي ڪمٽمينٽ به هجي ته ڪم ساراھ جهڙو هوندو پر چوندا اهن ته چادر آهر پير ڊگھيرڻ گھرجن ۽ اسان جي چادر رڳو گوڏن تائين آهي. هن چيو ته نوڪرين ڏيڻ لاءِ 5 سالن جي حڪومت ۽  وڏي انويسٽمينٽ گھرجي ۽ پاڪستان جي انويسٽمينٽ هڪ سو ارب ڊالر آهي. گھرن ٺاهڻ لاءِ 5 هزار ارب گھرجن 1600 ارب قرض لاهڻ لاءِ کپن ڊالر جي اگھ وڌڻ سان 25 هزار ارب وارو قرض 29 هزار ارب ٿي ويو آهي. هن وقت ملڪ جي امپورٽ 20 ارب ڊالر ۽ ايڪسورٽ 58 ارب ڊالر آهي. آءِ ايم ايف کان قرض نه کڻڻ واري سوچ سٺي ۽ ساراھ جوڳي آهي پر جنهن ملڪجي معيشيت ويٺل هجي ته اهو ڇا ڪري.  هن چيو ته ڊيمن جي نالي تي سياست ٿي رهي آهي ، ملڪي بجيٽ جو 20 سيڪڙو هڪ ڊيم تي خرچ آهي سڀ پراجيڪٽ روڪي ڊيم ٺاهيا وڃن، جيڪڏهن 3 ڊيم ٺهي ويا ته ڪوبه بکيو نه رهندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته عمران خان يو ٽرن پاليسي حڪومت ۾ به اختيار ڪئي ته ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا. حڪومت کي سخت مخالف ڌر سامهون آهي ۽ حڪومتي بئنچن ۽ مخالف ڌر ۾ فرق رڳو 28 ووٽن جو آهي جيڪي اڌارا ورتل آهن. يوٽرن جي ڪري چين، ايران ۽ ملائيشيا جهڙا سدائين وارا دوست وڃا يا ويا ته نتيجا خطرناڪ نڪرندا. هن چيو ته عمران خان جڏهن مخالف ڌر ۾ هوندو هو ته اشوز تي ساڻن گڏ هوندو هو جئين ڊگري ڊگري ٿيندي آهي تئين اپوزيش اپوزيشن ٿيندي آهي. خورشيد شاھ چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ فيصلو ڪيو هو ته قومي اسيمبليءَ ۾ پارٽي پوزيشن جي حساب سان اسٽيڊنگ ڪاميٽين جا چيئرمين مقرر ڪيا ويندا ۽ پيپلز پارٽي مخالف ڌر جا 14 چيئرمين مقرر ڪيا، نواز ليگ به ان روايت کي جاري رکيو جيڪڏهن هاڻي اها روايت ٽٽي ته ڪم خراب ٿيندو. هن چيو ته جنهن کي به سياست جو شوق آهي پنهنجي عهدا ڇڏي اڇي سياست ڪري. خبر ناهي ته شيخ رشيد ڪهڙي گوري کائي ٿو، کانئس سندس پارٽي وارا به تنگ آهن. محمد خان جوڻيجو شريف سياستدان هو پر بيورو ڪريس هن کان غلط ڪم ڪرايا. هن چيو ته ميان محمد سومري جي حيثيت ايم اين اي يا وزيرن کان مٿانهين آهي هو سينيٽ جو چيئرمين، وزيراعظم ، صدر ۽ گورنر رهيو آهي کيس پنهنجي حيثيت سڃاڻڻ گھرجي.