چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
12 مئي سانحي جي جاچ لاءِ نئين سر جي آءِ ٽي جوڙڻ ۽ سنڌ سرڪار کي جاچ ٽربيونل نه ٺاهڻ جو حڪم

ڪراچي( بيورورپورٽ) ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي جاچ لاءِ نئين سر سان جي آءِ ٽي جوڙن جو حڪم ڏيندي سنڌ سرڪار کي جاچ ٽربيونل به ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جيڪي هر 15ڏنيهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي .جڏهن 12 جي 65 اي ڪلاس ڪيسن کي کولن جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي . جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 12 مئي سانحي 2017ع بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي جاچ لاءِجي آءِ ٽي بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  عدالتي فيصلي ۾ سنڌ سرڪار کان ٻن هفتن ۾ عملدرآمد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته جڏهن ته عدالت اي ڪلاس تحت ختم ڪيل 65 ڪيس ٻيهر کولڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيف جسٽس سنڌ کي ڪيسن جي مانيٽرنگ لاءِ جج به مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. عدالت 12 مئي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي بابت رپورٽ به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽربيونل ان جي به جاچ ڪري ته  چاواقعو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ملي ڀگت هئي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ٽربيونل  قانون جي ادارن جي ناڪامي جو تعين ڪري ته  حڪم ڏنو ته راستن بند ڪري شهر جو امن خراب ڪيو وڃي .ٽربيونل ان ڳالهه جو به تعين ڪري ته پوليس  چڙڏيايندڙ تي قابو نه ڪرڻ ناڪام چو رهي هئي ۽چيف جسٽس پاڪستان جي ڪراچي اچڻ تي فول پروف سيڪيورٽي نه هئي .12 مئي تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي آمد تي شهر کي رت سان وهنجاريو ويو. رتوڇاڻ ۾ وڪيلن سميت 50کان وڌيڪ  ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ۾ اقبال ڪاظمي پاران نئين سر جاچ ڪرڻ ۽ لارچر بئنچ جوڙن جي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي