چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي پيرول تي ڇڏڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي هر ممڪن سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بيگم ڪلثوم نواز هڪ بهادر عورت هئي، حڪومت بيگم ڪلثوم نواز جي پوئينرن کي قانون موجب سڀئي سهولتون فراهم ڪندي، جڏهن ته وزيراعظم برطانيه ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي بيگم ڪلثوم نواز جي مڙهه کي واپس آڻڻ ۾ وارثن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي شريف خاندان پاران پيرول جي درخواست ڏيڻ کانپوءِ جنازي ۾ شرڪت جي اجازت ڏني ويندي.