چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
ڪرپشن خلاف موت جو قانون ٺهيو ته ملڪ ۾ اڌ آبادي بچندي، ڪرپٽ عنصر ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هوندا کين نه ڇڏبو: چيئرمين نيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ڪرپشن خلاف موت جو قانون ٺهيو ته ملڪ ۾ رڳو اڌ آبادي وڃي رهندي ۽ ڪرپشن ختم ڪريو جو نعرو، ماڻهوُ ختم ڪريو جي نعري ۾ تبديل ٿي ويندو، ملڪ ۾ ڪنهن به حڪومت نيب کي مضبوط ناهي ڪيو پر سنداهين ڳلو دٻايو آهي، واپاري نيب جي قدمن تي ناراض آهن، پر ڪنهن کي به مني لانڊرنگ ڪرڻ نه ڏني ويندي، غلطي نظر انداز ٿي ڪنداسين، ڏوهه نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڪرپٽ ماڻهن جو هر هنڌ پيڇو ڪنداسين، اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته واپاري برادري نيب جي قدمن مان خوش نه آهي، پر آئون واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته ملڪ خاطر ڪم ڪندڙ واپارين کي نه ڊيڄاريو ويندو، هن چيو ته جيڪي واپاري صحيح ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي ڪو به ڊيڄاري نٿو سگهي، واپارين جي رستي ۾ ايندڙ هر شيءَ کي هٽائينداسين، واپاري غلطي ڪن ته نظر انداز ڪري سگهجي ٿي پر ڏوهه نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، نيب چيئرمين چيو ته ڪجهه نجي هائوسنگ سوسائيٽين خلاف ڪارروائي ضرور ڪئي آهي ۽ اهو ايڪشن غريبن کان گرهه کسڻ تي ڪيو آهي، هائوسنگ سوسائيٽيز جي انهن مالڪن کي طلب ڪيو جن طرف ڪنهن کي ڏسڻ جي به جرئت نه هئي، نجي سوسائيٽين کي چيو ته پئسا ڏيو يا پلاٽ ڏيو جنهن ۾ 85 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم غريبن کي واپس ڏياري، نيب چيئرمين چيو ته ڪرپٽ ماڻهو ڀلي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پڄي وڃي اسان اتي ضرور پهچنداسين ڀلي ڪير ڪيترو ڇو نه طاقتور هجي ان جو اثر رسوخ نيب آفيس تي نه هلندو، نيب جي آفيس اندر صرف قانون آهي، نيب چيئرمين چيو ته جيڪڏهن توهان مني لانڊرنگ ڪندا ته نيب آرام سان نه ويهندو، پاڪستان 90 ارب جو قرضي آهي، قرض جو مقصد پاڪستاني عوام کي خوشحال بڻائڻو هو پر ائين نه ٿيو، جڏهن آئون آيس ته هڪ ئي منشور کڻي آيس ته جيڪو ڪندو اهو ڀريندو، هن چيو ته حڪومت ۽ نيب پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ته ملڪ جي ڦريل دولت واپس آندي وڃي، نيب جو مقصد ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ آهي، جڏهن ته هر پاڪستاني جو فرض آهي ته ملڪي مفادن جو تحفظ ڪري، نيب چيئرمين چيو ته ٽيڪس جي حوالي سان ناجائز مطالبو ڪندڙ توهان کي ڪرسي تي وري نظر نه ايندو، جيستائين صحيح قانونسازي نٿي ٿئي تيستائين ڪرپشن جو مڪمل خاتمو ناممڪن آهي، هن چيو ته ڪنهن به حڪومت جي دور ۾ ائين ناهي ٿيو ته نيب کي مضبوط ڪيو ويو هجي هر حڪومت نيب جو گلو گهٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته واپارين پاران ڪرپشن ڪندڙ کي موت جي سزا ڏيڻ جو قانون ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي نيب چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ڪرپشن تي موت جي سزا ٿي وڃي ته ملڪ جي رڳو اڌ آبادي وڃي رهندي، ڪرپشن ختم ڪريو جو نعرو ڪٿي ماڻهو ختم ڪريو جو نعرو نه بڻجي وڃي.