چونڊ ڌانڌلين بابت ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو، نالا طلب،پختونخواهه پارٽي مخالفت ڪري ڇڏي****گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار، عملي قدم کڻڻ جو حڪم****قومي ٽيم 162 رنسن تي ڍير، ڀارت 8 وڪيٽن تان ڪامياب، ڀونيشور مئچ جو بهترين رانديگر قرار****اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران ايٽمي هٿيارن کان پاڪ خطو ٺاهڻ تي اتفاق، معاهدن تي صحيحون
نواز شريف جي وني ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي، مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ شهباز شريف اڄ لنڊن پهچندو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز شريف لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا 68 ورهين جي بيگم ڪلثوم نواز کي هڪ رات اڳ لنڊن جي طبعيت خراب ٿيڻ تي ٻيهر وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو، تقريبن هڪ سال 25 ڏينهن لنڊن ۾ علاج هيٺ رهي، نواز شريف جي ننڍي ڀاءُ ميان شهباز شريف ۽ پٽ حسين نواز بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي. حسين نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن امڙ بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي آهي. بيگم ڪلثوم نواز ڪيتري ئي عرصي کان لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ علاج هيٺ رهي پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهي.  بيگم ڪلثوم کي نواز شريف جي ڦڦڙن جو مسئلو سنگين ٿيڻ کانپوءِ کيس هڪ دفعو ٻيهر وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو پر سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. بيگم ڪلثوم نواز جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته مرحومه ڪلثوم نواز جي تدفين لاهور ۾ ڪئي ويندي، مڙهه پاڪستان آندو ويندو ۽ تدفين جاتي امرا ۾ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مڙهه پاڪستان روانو ڪرڻ کان اڳ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي، ان حوالي سان هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ مان ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي، بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه لنڊن جي ريجنٽ پارڪ جي علائقي ۾ واقع مسجد جي سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي. شريف خاندان جي ذريعن ان ڳالهه تصديق ڪئي آهي ته شهباز شريف اڄ اربع جي ڏينهن لنڊن پهچندو، مڙهه سان گڏ 10 ماڻهو پاڪستان ايندا، مڙهه پاڪستان آڻڻ کان پوءِ جمعي جي ڏينهن جاتي امرا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. واضح رهي ته بيگم ڪلثوم نواز 17 آگسٽ 2017ع تي علاج لاءِ لنڊن وئي هئي، علاج دوران 22 آگسٽ تي کيس گلي ۾ ڪينسر هجڻ جي تصديق ٿي، جنهن کان پوءِ سندس ڪيموٿراپيز به ٿيون هيون.