خيبرپختونخواه ۾ ٻيهر تحريڪ انصاف جي حڪومت، محمود خان وڏو وزير چونڊجي ويو****اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري، چونڊ لاءِ پولنگ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي****پاڪستان ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ جي موجودگي مودي جي دعوائن جي ابتڙ آهي: ترجمان پرڏيهي آفيس****آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ خواجه آصف، عليم خان، بابر غوري ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف جاچ جي منظوري
ڪراچي ۾ مذهبي جماعتن پاران چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو مظاهرو

ڪراچي(بيورو رپورٽ ) جميعت علماءَ اسلام (ف) پاران عام چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جي يو آءِ (ف) جي ڌرڻي ۾ متحده مجلس عمل جون پارٽيون به شريڪ ٿيون. احتجاج دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومري ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته عام چونڊن کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا، هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ ايم ايم اي جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو احتجاج هو. اڄ صوبي جي اليڪشن ڪميشن آفيس اڳيان احتجاج ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته هن ڪڏهن به ڪنهن پريس ڪانفرنس ۾ پ پ کي چور ناهي چيو. سندن ووٽن جي چور اليڪشن ڪميشن آهي جنهن کي اربين روپيا ڏنا ويا. هن چيو ته سندن احتجاج اليڪشن ڪميشن سميت انهن قوتن خلاف آهي جن نتيجا تبديل ڪرايا. جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومري چيو ته فارم 45 نه ڏنو ويو نتيجا 48 ڪلاڪن تائين روڪيا ويا جڏهن ته بيلٽ پيپر گندگي جي ڍيرن مان مليا ۽ من پسند ماڻهن کي نتيجا ڏنا ويا، هوڏانهن گهوٽڪي ايم ايم اي جي سوين ڪارڪنن ڄام هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي آفيس کان ٿيندي پريس ڪلب احتجاجي ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي وئي ان موقعي تي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڄام سيف الله ڌاريجو مولانا محمد اسحاق لغاري مولانا سراج احمد چنو ۽ ٻين چيو ته هاڻوڪي اليڪشن ۾ وڏي پيماني تي مبينا ڌانڌليون ڪري اسان جي اميدوارن کي هارائي اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي جنهن خلاف اسان سراپا احتجاج آهيون اسان جي پرامن احتجاج ۽ جائز مطالبن کي مان نه ٿو ڏنو وڃي هاڻوڪي اليڪشن ۾ ڪيترائي پنڪچر لڳائي مخصوص پارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو ويو آھي هنن چونڊن کي ڪالعدم ڪرڻ جي گهر ڪئي هوڏانهن  پي ايس  21 تي ٿيل چونڊن جي ووٽن جي 10 آگسٽ تي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي ووٽن جي ڳڻپ صبح جو نائين وڳي ٿيندي جنهن ڪري سڀني اميدوارن کي نائين وڳي لاڳاپيل آرو وٽ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. موجب ڪم ڪيو ويندو. ان موقعي تي رهواسين جي وڏي انگ ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي.ٻئي طرف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پي ايس 47 جي هارايل اميدوار مجيب الحق ۽ اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر ظفر ڪمالي سوين ڪارڪنن سان گڏجي اليڪشن 2018 ۾ ڌانڌلي ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهيو ڪيو ويو، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر ظفر ڪمالي چيو ته 2018 جي عام چونڊن ۾ تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، چونڊن کان اڳ ئي تعصباڻي تڪبندي ۽ غير منصفاڻي مردم شماري ذريعي عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي شروعات ڪئي وئي ۽ 25 جولاءِ تي رات جي پيٽ ۾ نتيجا تبديل ڪري حق پرستن جو مينڊيٽ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي جهولي ۾ وڌو ويو،پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي مجيب الحق چيو ته پ پ جا اميداور سرعام سپريم ڪورٽ جي حڪمن ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا، پي ايس 47 جي رٽرننگ آفيسر ڪروڙين رپيا وٺي منظم طريقي سان ڌانڌلي ڪري ٻئي ڏينهن پ پ اميدوار جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو، اسان انهن نتيجن کي حق پرست عوام مسترد ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي محمد عثمان راجپوت ۽ آفاق احمد خان چيو ته تاريخ جي بدترين ڌانڌلي تي چپ نه ويهنداسين اسان خلاف ٿيندڙ سازشون اسان جي تحريڪ کي ختم ڪري ڪو نه سگهندي.