خيبرپختونخواه ۾ ٻيهر تحريڪ انصاف جي حڪومت، محمود خان وڏو وزير چونڊجي ويو****اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري، چونڊ لاءِ پولنگ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي****پاڪستان ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ جي موجودگي مودي جي دعوائن جي ابتڙ آهي: ترجمان پرڏيهي آفيس****آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ خواجه آصف، عليم خان، بابر غوري ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف جاچ جي منظوري
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ امتياز شيخ جو نالو فائنل

ڪراچي(رپورٽ:ۡ مجيد عباسي)  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا پاران وزارتن ۾ دلچسپي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي پاران سنڌ اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ صوبائي ڪابينا جي جوڙجڪ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ امتياز شيخ جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي جيڪو سينئر پارليامينٽيرينز ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.