خيبرپختونخواه ۾ ٻيهر تحريڪ انصاف جي حڪومت، محمود خان وڏو وزير چونڊجي ويو****اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري، چونڊ لاءِ پولنگ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي****پاڪستان ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ جي موجودگي مودي جي دعوائن جي ابتڙ آهي: ترجمان پرڏيهي آفيس****آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ خواجه آصف، عليم خان، بابر غوري ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف جاچ جي منظوري
عمران خان، پرويز خٽڪ ۽ اياز صادق جي غيرمناسب زبان استعمال ڪرڻ تي معافي قبول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عمران خان، پرويز خٽڪ، اياز صادق جي گندي زبان استعمال ڪرڻ تي غير مشروط معافي قبول ڪندي انهن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن ۾ گندي زبان استعمال ڪرڻ تي چئني اڳواڻن خلاف نوٽيسن جي ٻڌڻي ٿي چئني اڳواڻن پاران سندن وڪيل پيش ٿيا، عمران خان پاران بابر اعواڻ پيش ٿي مخالفن کي گڏهه چوڻ تي غير مشروط معافي طلب ڪئي، خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي وڪيل پڻ غير مشروط معافي نامو جمع ڪرائيندي معافي وٺڻ واري وڊيو جمع ڪرائي، اياز صادق جي وڪيل پڻ معافي نامو جمع ڪرايو، اليڪشن ڪميشن سردار اياز صادق جي معافي قبول ڪندي چيو ته اياز صادق اسان کي اوقات ياد پيو ڏياري پر هو پنهنجي اوقات ڏسي وٺي ته سندن اوقات ڇا آهي جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن معافي ناما قبول ڪندي سندن ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن مولانا فضل الرحمان جي غير مشروط معافي جي درخواست پڻ قبول ڪري ورتي. اليڪشن ڪميشن معافي جي منظوري کانپوءِ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 131 لاهور IX ، چوڌري حامد حبيب جو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 90 سرگوڌا III ۽ فرخ حبيب جو اين اي 180 فيصل آباد VIII تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ان کانسواءِ صوبائي اسيمبلين لاءِ مير نعمت الله زهري جي پي بي 36 شهيد اسڪندر آباد (بلوچستان) ۽ عزيز الله خان جي پي ڪي 4 سوات III (خيبرپختونخوا) تان ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا آهن.