خيبرپختونخواه ۾ ٻيهر تحريڪ انصاف جي حڪومت، محمود خان وڏو وزير چونڊجي ويو****اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري، چونڊ لاءِ پولنگ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي****پاڪستان ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ جي موجودگي مودي جي دعوائن جي ابتڙ آهي: ترجمان پرڏيهي آفيس****آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ خواجه آصف، عليم خان، بابر غوري ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف جاچ جي منظوري
قوم اسيمبلي ۾ وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيڻ نه پر احتجاج ڪرڻ وينداسين:شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته اسيمبلي ۾ وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيڻ نه پر احتجاج ڪرڻ وينداسين، نه ڪو اين آر آو ڏئي رهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو اين آر او وٺي رهيو آهي، نواز شريف پرعزم آهي ۽ حوصلا بلند آهن، صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ڪالهڪو احتجاج پهريون ۽ آخري احتجاج نه هو جو آئون شريڪ نه ٿي سگهيس ۽ ڪهاڻي ختم ٿي وئي، اڳتي به احتجاج ٿيندا، هن چيو ته اسان اسيمبلي ۾ وينداسين ۽ حلف کڻنداسين ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين، اسيمبلي ۾ وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيڻ نه پر ڌانڌلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته چونڊن کي ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڌانڌلي واريون قرار ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته نواز شريف پرعزم آهي ۽ سندس حوصلا بلند آهن نه ڪو اين آر او ڏئي رهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو اين آر او وٺي رهيو آهي، نواز شريف انتشار جي سياست نٿو چاهي، پر جيڪو حق آهي ۽ ملڪ ۾ ناانصافي ٿي آهي ان جي خلاف آواز اٿارڻ اسان جو حق آهي، هن چيو ته نواز شريف اسان کي قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته سمورين مخالف ڌر جي پارٽين پارلياماني ڪميشن کي ٽاسڪ ڏينديون ته هو ان ڳالهه جو پتو لڳائي ته چونڊن واري ڏينهن آر ٽي ايس ڇو بند ٿي وئي هئي، پولنگ ايجنٽن کي ڇو هٽايو ويو ۽ انهن جي غير موجودگي ۾ ڇاجي لاءِ ڳڻپ ڪرائي وئي، ووٽ ڏيڻ ۾ دير ڇالاءِ ڪرائي وئي، هن چيو ته چونڊن ۾ بدترين پري پول ڌانڌلي ٿي آهي، اسان جي هڪ اميدوار جي خلاف رات جي اونداهي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. هن چيو ته پنجاب ۾ به ماڻهن جي خريداري جي منڊي لڳل آهي.