خيبرپختونخواه ۾ ٻيهر تحريڪ انصاف جي حڪومت، محمود خان وڏو وزير چونڊجي ويو****اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري، چونڊ لاءِ پولنگ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي****پاڪستان ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ جي موجودگي مودي جي دعوائن جي ابتڙ آهي: ترجمان پرڏيهي آفيس****آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ خواجه آصف، عليم خان، بابر غوري ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف جاچ جي منظوري
اسلام آباد ۾ احتجاج دوران عدليا مخالف نعرن سبب پ پ، نوازليگ ۽ ايم ايم اي اڳواڻن مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخالف ڌر پاران چونڊ ڌانڌلين جي خلاف اليڪشن ڪميشن آڏو ڪيل احتجاج ۾ عدليه مخالف نعرن تي مظاهرين جي خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر اڃان تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي، ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڪوثر گيلاني ۽ راجا امتياز علي کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته وڊيو ڏسي ٻين جوابدارن جي نشاندهي کانپوءِ انهن کي باقاعده نامزد ڪيو ويندو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آڏو مولانا فضل الرحمان، يوسف رضا گيلاني، قمر زمان ڪائره، خواجه سعد رفيق، راجا ظفر الحق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو هو جنهن ۾ عدليه مخالف نعرا لڳا هئا. ياد رهي ته گرينڊ الائنس فار فري اينڊ فيئر اليڪشن ۾ شامل سياسي پارٽين اربع تي اليڪشن ڪميشن جي سامهون مظاهرو ڪيو ۽ چونڊ عمل تي پنهنجن سخت خدشن جو اظهار ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ پوري چونڊ عمل خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهري ۾ مسلم ليگ(ن)  جي چيئرمين ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان  راجه ظفر الحق، اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف، سيد خورشيد احمد شاهه، حاجي غلام احمد بلور، آفتاب احمد خان شيرپائو، سيد نويد قمر، شيري رحمان، خواجه محمد آصف، خواجه سعد رفيق، مخدوم جاويد هاشمي، طلال چوڌري، عابد شيرعلي، مشاهد الله خان، زاهد خان، بشريٰ گوهر، مولانا حمد الله، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، تنوير حسين، زاهد حامد، بشير ورڪ، ميئر راولپنڊي سردار نسيم، قمر زمان ڪائره ۽ مولانا امير زمان سميت مسلم ليگ (ن)، متحده مجلس عمل، عوامي نيشنل پارٽي، پيپلز پارٽي سميت گرينڊ الائنس فار فري اينڊ فيئر اليڪشن ۾ شامل ٻين پارٽين جي اڳواڻن  ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. هنن اليڪشن ڪميشن جي مستعفي ٿيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ان حوالي سان سخت نعريبازي ڪئي هئي. نواز ليگ جو صدر شهباز شريف، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ اي اين پي جو سربراهه اسفنديار ولي اليڪشن ڪيمشن آڏو رٿيل احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيا هئا