خيبرپختونخواه ۾ ٻيهر تحريڪ انصاف جي حڪومت، محمود خان وڏو وزير چونڊجي ويو****اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري، چونڊ لاءِ پولنگ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي****پاڪستان ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ جي موجودگي مودي جي دعوائن جي ابتڙ آهي: ترجمان پرڏيهي آفيس****آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ خواجه آصف، عليم خان، بابر غوري ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف جاچ جي منظوري
قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي سڏائڻ جو فيصلو، پي ٽي آءِ ۾ شامل 28 آزاد ميمبرن حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو

 اسلام آباد (بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) نئين وزيراعظم جي چونڊ 13 آگسٽ تي ٿيڻ جو امڪان آهي، نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ 2018ع تي گهرائڻ جي سفارش ڪندي سمري موڪلي، جيڪا صدر ممنون حسين منظور ڪري ورتي، جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ حلف برداري تقريب جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ جي طرفان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس جي سلسلي ۾ باقاعده سمري ايوان صدر ڏانهن موڪلي وئي آهي. پهرين اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا ۽ پوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي، واضح رهي ته 25 جولاءِ تي عام چونڊن کانپوءِ آئين تحت هر صورت ۾ 15 آگسٽ تائين اجلاس گهرائڻ ضروري آهي جنهن جي لاءِ 13 آگسٽ تي اجلاس گهرائڻ جي سمري نگران وزيراعظم صدر ڏانهن موڪلي ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نون ميمبرن جي آجيان جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي 28 آزاد ميمبرن اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ ۾شامل ٿيڻ جو قسم نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن سال 2018ع چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته عدالتي فيصلن سبب 849 قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان 815 ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن ۽ 34 قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن جا نوٽيفڪيشن روڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن آزاد اميدوارن کي ٽن ڏينهن اندر ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. آزاد اميدوارن وٽ سياسي پارٽين ۾ شامل ٿيڻ جو آخري ڏينهن هو. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب آزاد اميدوار بيان حلفي ۾ پنهنجي مرضي دٻاءُ ۽ لالچ کان سواءِ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو لکندا جڏهن ته آزاد اسيمبلي ميمبرن کي شامل ڪندڙ جماعت جي سربراهه جو اليڪشن ڪميشن کي لکت طور آگاهه ڪرڻ ضروري هوندو، نون چونڊيل آزاد ميمبرن جي شامل ٿيڻ کان پوءِ مخصوص سيٽون الاٽ ٿينديون. ذريعن موجب هن وقت تائين 29 آزاد اميدوارن جا بيان حلفي موصول ٿيا آهن جن مان 28 اميدوارن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو قسم نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.