خيبرپختونخواه ۾ ٻيهر تحريڪ انصاف جي حڪومت، محمود خان وڏو وزير چونڊجي ويو****اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري، چونڊ لاءِ پولنگ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي****پاڪستان ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشڻ جي موجودگي مودي جي دعوائن جي ابتڙ آهي: ترجمان پرڏيهي آفيس****آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ خواجه آصف، عليم خان، بابر غوري ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف جاچ جي منظوري
ڪرن جوهر طرفان ميگا بجيٽ فلم ”تخت“ جي ڪاسٽ جو اعلان

ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ فلمساز ڪرن جوهر طرفان ميگا بجيٽ فلم ”تخت“ جي ڪاسٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ميگا بجيٽ فلم ”تخت“ ۾ رنوير سنگهه کي مک ڪردار لاءِ چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ڪرينا ڪپور، عاليه ڀٽ، وڪي ڪوشل، جهانوي ڪپور، ڀومي پڊنيڪر ۽ انيل ڪپور شامل آهن، فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال جي آخر ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته فلم 2020ع ۾ رليز ڪئي ويندي، فلم جي ڪاسٽ کي ڏسندي ئي مبصرن 2020ع جي بلاڪ بسٽر فلم ثابت ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، ڪرن جوهر جو چوڻ آهي ته ميگا بجيٽ فلم جي ڪاسٽ متوازن رکي آهي، باڪس آفيس تي نوان رڪارڊ جوڙيندي.