تحريڪ انصاف عمران خان جي قيادت مقبوليت ۾ مسلم ليگ (ن) کان به اڳتي وڌي وئي****”شايد منهنجي قرباني سان قبرستان تان قبضو ختم ٿئي“ نصرپور ۾ شاگرد زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو****اسان جلسا ملتوي نه ڪنداسين، چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿيندا: عمران خان****ڪراچي: سمنڊ ۾ وهنجندي هڪ ٻارڙو ٻڏي ويو، ٻه ڏينهن اڳ ٻڏل نينگر جو لاش هٿ
ڌمڪيون، لالچون ۽ مرشدن جا واسطا ڏيندڙ ڀوتارن ڪڏهن ڪارڪردگي تي ووٽ ناهن ورتا: علي قاضي

ٽنڊوڄام(ن ع)تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه ۽ تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي تي ٻڌل تڪ پي ايس 63 جي اميدوار علي قاضي چيو آهي 25- جولائي جي چونڊ وڏي اهميت واري آهي، هن چونڊن ۾ اسان پاران ووٽ ڏيڻ بابت ڪيل فيصلو ايندڙ 10سالن تائين اثرانداز ٿيندو، جيڪڏهن ووٽ ڏيڻ مهل اسان پنهنجن ٻچن جو مستقبل ۽ انهن جي معصوميت سامهون رکي ووٽ نه ڏنو ته اسان پنهنجن ٻچن جا مياري ٿي وينداسين، ڪالهه ٽنڊوڄام، هوسڙي ۽ ٻين علائقن ۾ چونڊ مهم دوران مختلف ميڙاڪن ۽ کٽ ڪچهرين کي خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته شاخون بند ڪرائڻ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ماڻهن کي ڌمڪائڻ، پيسن جو لالچون ڏيڻ، مير پير، مرشد، واسطا وجهي ووٽ گهرندڙن ڀوتارن ڪڏهن پنهنجي ڪارڪردگي تي ووٽ ناهن ورتا، اهي ايندڙ پنجن سالن ۾ به ساڳيون ناجائزيون ڪندا، ڇو ته ماضي جيان انهن وٽ مسڪين ماڻهن جي بنيادي مسئلن حل ڪرڻ بابت ڪوبه پروگرام ناهي، هن چيو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڳڻتي جهڙي صورتحال آهي، پيئڻ جي پاڻي ۾ ڪيڙا پيا آهن، اسپتالون خود بيماري ورهائڻ جا مرڪز بڻجي ويون آهن، اسڪولن جو عمارتون مال جا وٿاڻ ۽ ڇتيون شاگردن جي لاءِ خطري جي گهنٽي بڻيل آهن، اسڪول جا فرنيچرن ۽ ڪتابن جا پيسا ڀوتارن جي پيٽ ۾ هليا ويا روڊ رستن، اسپتالن ۽ اسڪولن جي ترقي جي نالي تي آيل فنڊ هڪ محل ۾ لڳي ويا، ته پوءِ هاڻي اسان اهو به فيصلو ڪرڻو پوندو ته 25 جولائي تي ٻيهر پنجن سالن لاءِ ساڳي تباهي واري صورتحال ووٽ ڏئي وٺڻي آهي يا اهي ووٽ پنهنجي ٻچن جي تقدير لاءِ ڏيڻا آهن، هن چيو ته هاڻي گهڻو ٿيو سنڌ جي ماڻهن گهڻن ڪوڙن ۽ دلفريب نعرن تي ڀوتارن جي ڀڀ ڀرڻ لاءِ ووٽ ڏنا هاڻي غريبن جي جهوپڙين ۾ به خوشحالي اچڻ گهرجي، ان کان اڳ ٽنڊوعالم مري ۾ قاضي اقبال ۽ سائين بخش ڏهيو جي ميزباني ۾ ٿيل پروگرام ۾ شيخ، ڪليار، کوسا، رند، مري، قاضي، خاصخيلي، سولنگي، هاليپوٽا، کوکر،ٻوڙا، بروهي ۽ ٻين برادرين پاران تبديلي پسند پارٽي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو، ٻئي طرف پروگرام ۾ علي نواز کوکر، ڪنئور کوکر، غلام محي الدين، گل حسن خاصخيلي، محمد کوکر، غلام حسين خاصخيلي، پي ٽي آئي اڳواڻ لياقت کونهارو، حاجي امين خاصخيلي، حاجي مگسي، حاجي غلام مرتضيٰ کوکر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ۽ اعلان ڪيو ته 25-جولائي تي تاج تي ٺپو هڻي علي قاضي کي ڪامياب ڪيو ويندو.