تحريڪ انصاف عمران خان جي قيادت مقبوليت ۾ مسلم ليگ (ن) کان به اڳتي وڌي وئي****”شايد منهنجي قرباني سان قبرستان تان قبضو ختم ٿئي“ نصرپور ۾ شاگرد زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو****اسان جلسا ملتوي نه ڪنداسين، چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿيندا: عمران خان****ڪراچي: سمنڊ ۾ وهنجندي هڪ ٻارڙو ٻڏي ويو، ٻه ڏينهن اڳ ٻڏل نينگر جو لاش هٿ
نيب منهنجي خلاف سازشو پئي ڪري، مون ڪوبه فراڊ ناهي ڪيو: مفتاح اسماعيل

ڪراچي (بيورورپورٽ) خزاني واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته مون نه ته ڪو فراڊ ڪيو آهي ۽ نه وري ڪرپشن پر نيب جي حوالي سان منهنجي خلاف خبرون هلايون پيون وڃن . جنهن سبب مون کي سياسي طور نقصان ٿي رهيو آهي. مان اليڪشن وڙهي رهيو آهيان. ان ڪري مصروف آهيان . اهو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي. مون نيب ۾ ڪرپشن قبول نه ڪئي آهي. مسلم ليگ ن ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب ۾ 100 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ خواجه طارق نذير سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نيب جي حوالي سان منهنجي لاءِ ميڊيا ۾ غلط رپورٽون هلايون پيون وڃن . ۽ سڀ ڪجھ ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن منهنجي چونڊ مهم تمام ڀلي هلي رهي آهي. مونکي نيب ۾ پنج جولاءِ تي سڏايو ويو هو. مون نيب کي درخواست ڪئي هئي ته پنج جولاءِ تي لاهور وڃان ٿو ان ڪري سومر تي حاضر ٿيندس. منهنجي درخواست منظور ڪئي وئي . پر پوءِ به منهنجي خلاف خبرون هلايون ويون ته ڏنل تاريخ تي نيب ۾ حاضر نه ٿيو ۽ منهنجي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن . جڏهن ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. منهنجي لاءِ اهي به خبرون هلايون ويون ته مون ڪرپشن جو ڏوهه قبول ڪيو آهي ، منهنجي حوالي سان نيب 2015 ع ۾ به تحقيقات ڪئي هئي. پر ان وقت به ڪجھ نه مليو هو. هن چيو ته مون ڪو به فراڊ نه ڪيو آهي . منهنجا گيس پلانٽ بابت ڪجھ  معاملا هئا. ان ۾ به مون ڪجھ غلط نه ڪيو آهي ، توڙي جو مان او جي ڊي سي جو ميمبر هئس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان نه ٿو سمجھان ته نيب منهنجي خلاف سازشو پئي ڪري. هن چيو ته هڪ سروي مطابق پنجاب ۾ مسلم ليگ ن پي ٽي آءِ کان 20 پوانٽون اڳتي آهي. هن چيو ته پي آءِ کي خانگائڻ گھرجي ان مان ملڪ کي فائدو ملندو.