تحريڪ انصاف عمران خان جي قيادت مقبوليت ۾ مسلم ليگ (ن) کان به اڳتي وڌي وئي****”شايد منهنجي قرباني سان قبرستان تان قبضو ختم ٿئي“ نصرپور ۾ شاگرد زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو****اسان جلسا ملتوي نه ڪنداسين، چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿيندا: عمران خان****ڪراچي: سمنڊ ۾ وهنجندي هڪ ٻارڙو ٻڏي ويو، ٻه ڏينهن اڳ ٻڏل نينگر جو لاش هٿ
پشاور ڌماڪو: شهيدن جو انگ 20 ٿي ويو، حملي جو ڪيس داخل، هارون بلور سميت 10 شهيد مٽي ماءُ حوالي

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) يڪه توت ۾ آپگهاتي ڌماڪي بعد شهر جو ماحول سڳوار آهي جڏهن ته شهيد ٿيندڙ 20 ڄڻن مان 9 ڄڻن جي اجتمائي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کين مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو . گذريل رات پشاور جي علائقي يڪه توت ۾ آپگهاتي بمبار عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارنر گڏجاڻي دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ اي اين پي اميداور هارون بلور سميت 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا. يڪه توت حملي بعد شهر جو ماحول سڳوار آهي ۽ شهر جون ڪاروباري سرگرميون معطل آهن. جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي طرفان سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ  جو سلسلو جاري آهي، ۽ 10 شهيدن جي اجتمائي جنازي نماز رحمان بابا قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي. جڏهن ته حملي ۾ شهيد ٿيل اي اين پي اڳواڻ هارون بلور جي جنازي نماز پشاور جي وزير باغ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ آفتاب شيرپائو، ايمل ولي، امير حيدر هوتي، شاهي سيد، همايون خان سميت ٻين سياسي اڳواڻ ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا فوت ٿيندڙن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب شهيد ٿيندڙن ۾ هارون بلور کانسواءِ آصف خان، محمد شعيب، محمد نعيم، ياسين، حاجي محمد گل، نجيب الله، عابدالله، حذيفه، عارف حسين، اختر گل، عمران، رضوان  ضمير خان، اسرار، ثمين، صادق ۽ خان محمد شامل آهن.