تحريڪ انصاف عمران خان جي قيادت مقبوليت ۾ مسلم ليگ (ن) کان به اڳتي وڌي وئي****”شايد منهنجي قرباني سان قبرستان تان قبضو ختم ٿئي“ نصرپور ۾ شاگرد زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو****اسان جلسا ملتوي نه ڪنداسين، چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿيندا: عمران خان****ڪراچي: سمنڊ ۾ وهنجندي هڪ ٻارڙو ٻڏي ويو، ٻه ڏينهن اڳ ٻڏل نينگر جو لاش هٿ
آصف زرداري جو قانوني مشاورت بعد اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽ: مجيد عباسي) پ پ ڪوچيئرمين آصف زرداري پنهنجي قانوني ماهرن جي ٽيم سان مشاورت ڪرڻ کانپوءِ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري  ورتو آهي، ان کان اڳ اهي افواهه گردش ڪندا رهيا ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر عدالت عظميٰ ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ واري ڪيس م سپريم ڪورٽ پ پ ڪوچيئرمين آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي اڄ 12 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، ان حوالي سان مشاورت لاءِ لاهور ۾ پ پ جي سي اي سي جو اجلاس پڻ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ اعتراز احسن، فاروق ايڇ نائيڪ، لطيف کوسا پڻ شريڪ هئا، جن آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي حوالي سان قانوني مشورا ڏنا. ٻڌايو وڃي ٿو ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ وقت وڪيلن جي ٽيم به آصف علي زرداري سان گڏ هوندي، تنهن هوندي به نيئر بخاري ۽ فرحت الله بابر اڳوڻي صدر سان گڏ هجڻ جا امڪان آهن.