تحريڪ انصاف عمران خان جي قيادت مقبوليت ۾ مسلم ليگ (ن) کان به اڳتي وڌي وئي****”شايد منهنجي قرباني سان قبرستان تان قبضو ختم ٿئي“ نصرپور ۾ شاگرد زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو****اسان جلسا ملتوي نه ڪنداسين، چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿيندا: عمران خان****ڪراچي: سمنڊ ۾ وهنجندي هڪ ٻارڙو ٻڏي ويو، ٻه ڏينهن اڳ ٻڏل نينگر جو لاش هٿ
نيب فيصلو ڏئي ڇڏيو، هاڻ 25 جولاءِ تي عوام فيصلو ڏيندو: شهباز شريف

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف پنجن جي ڀيٽ ۾   6 ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو. جلسي کي خطاب ڪندي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته نيب عدالتن ۾ سوين ڪيس 10- 10 سالن کان ٽنگيل آهن، نيب عدالت هڪ فيصلو ڏنو آهي، ٻيو فيصلو 25 جولاءِ تي عوام ڪندو. هن چيو ته نيب عدالت نواز شريف کي سئو ڀيرا گهرايو ۽ هو پيش ٿيو پر جتي ڪرپشن جا انبار لڳل آهن، انهن کان پڇاڻو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ايٽمي طاقت نواز شريف بڻايو ۽ ڀارت جي 5 ڌماڪن جي ڀيٽ ۾ 6 ڌماڪا ڪيا، ڌماڪا نه ڪرڻ تي ڪلنٽن، نواز شيرف کي 5 ارب ڊالرن جي آڇ ڪئي هئي پر هن اها آڇ ٿڏي پاڪستان کي ايٽي طاقت بڻايو.