تحريڪ انصاف عمران خان جي قيادت مقبوليت ۾ مسلم ليگ (ن) کان به اڳتي وڌي وئي****”شايد منهنجي قرباني سان قبرستان تان قبضو ختم ٿئي“ نصرپور ۾ شاگرد زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو****اسان جلسا ملتوي نه ڪنداسين، چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿيندا: عمران خان****ڪراچي: سمنڊ ۾ وهنجندي هڪ ٻارڙو ٻڏي ويو، ٻه ڏينهن اڳ ٻڏل نينگر جو لاش هٿ
قوم کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگھان، جيل وڃڻو پوي يا ڦاهي چاڙهيو وڃي؟ هاڻي قدم نه رڪبا: نواز شريف

لنڊن (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف چيو آهي ته جيل وڃڻو پوي يا ڦاهي چاڙهيو وڃي؟ پر هاڻي قدم نه رڪبا، لنڊن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ قوم کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگھان، جيل جي ڪوٺڙي سامهون ڏسي به پاڪستان واپس وڃي رهيو آهيان، ووٽ کي عزت ڏيو جو واعدو پورو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ڇا پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو ماڻهو 11 سال با مشقت جي سزا ٻڌڻ کان پوءِ واپس آيو آهي؟ مون کي جنهن قوم ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻايو ان جو قرض لاهڻ وڃي رهيو آهيان. احتساب عدالت جي فيصلي بابت چيو ته فيصلي ۾لکڻو پيو ته منهنجي خلاف ڪرپشن جو ڪو ثبوت ناهي مليو، لکيو ويو ته نواز شريف کي ڪرپشن جي الزامن مان آزاد ڪيو وڃي ٿو. نواز شريف چيو ته پاڪستان دنيا ۾ ان وقت تائين باوقار مقام حاصل نٿو ڪري سگھي، جيستائين آئين جي حڪمراني کي تسليم نٿو ڪيو وڃي. آئون پاڪستان جي هر اداري جو احترام ڪيان ٿو، ڄاڻان ٿو ته ادارا مضبوط ٿيندا ته ملڪ مضبوط ٿيندو، دنيا جي ڌمڪين باوجود ائٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻايو ۽ پنهنجي دفاع کي مضبوط ڪيو. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته چوڻ لاءِ پاڪستان ۾ جمهوريت آهي پر جمهوريت جا سمورا تقاضا چيڀاٽيا ويا آهن، سچ ڳالهائڻ ڏکيو بڻايو ويو آهي، ڪردارڪشي جي شرم جوڳي راند جاري آهي. هن چيو ته جيل ڏانهن ويندي سوچي رهيو آهيان ته سڄو ملڪ هڪ جيل بڻجي چڪو آهي، وقت اچي ويو آهي پاڪستان  کي جهنگ ۽ جيل جي بدران ايڪيهين صدي جو ملڪ بڻايو وڃي. هن چيو ته انگريزن جي غلامي کان ٻاهر نڪري پنهنجي غلام ۾ اچي ويا آهيون. ائين ملڪ هلندو آهي؟ جيڪڏهن اسان کي ترقي ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جي عوام کي خوشحال بڻائڻو آهي ته اهو سڀ ڪجهه بدلڻو پوندو ۽ جلدي بدلڻو پوندو ڇو ته اسان وٽ هاڻ وڌيڪ وقت ناهي. اڳوڻي وزير اعظ۾ چيو ته سڀاڻي پاڪستان اچي رهيو آهيان، مريم مون سان گڏ هوندي، لاهور ايئرپورٽ تي عوام کي خطاب ڪندس. هن عوام کي اپيل ڪئي ته رڳو 13 جولاءِ نه پر 25 جولاءِ تي به ساڳئي جذبي سان نڪرندس.