تحريڪ انصاف عمران خان جي قيادت مقبوليت ۾ مسلم ليگ (ن) کان به اڳتي وڌي وئي****”شايد منهنجي قرباني سان قبرستان تان قبضو ختم ٿئي“ نصرپور ۾ شاگرد زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو****اسان جلسا ملتوي نه ڪنداسين، چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿيندا: عمران خان****ڪراچي: سمنڊ ۾ وهنجندي هڪ ٻارڙو ٻڏي ويو، ٻه ڏينهن اڳ ٻڏل نينگر جو لاش هٿ
چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڪنهن کي موقعو فراهم نه ڪنداسين، جيڪو ٿيڻ وڃي پيو، ان کي جمهوري طريقي سان روڪبو: آصف زرداري

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آصف زرداري پاڻ تي لڳل مني لانڊرنگ جا سمورا الزام رد، چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ جو فيصلو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڻ تي لڳل سمورا الزام رد ڪندي چيو آهي ته پهرين به اهڙن ڪيسن کي منهن ڏنو هاڻ به ڏيندس. نجي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته اسان کي ڏيڍ ڪروڙ جو نوٽيس مليو آهي ۽ دهل 35 اربن جو وڄايو پيو وڃي. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته جيڪو ٿيڻ وارو آهي ان کي جمهوري طور تي روڪڻو آهي، اليڪشن جي بائيڪاٽ جي باري ۾ غور ناهيون ڪري رهيا، بائيڪاٽ ڪري ڪنهن کي موقعا نه ڏينداسين. هن چيو ته هي اليڪشن جو موقعو آهي، احتساب جو ناهي، احتساب اليڪشن کان پهرين يا بعد ۾ ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي صدر چيو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سياست جو دارومدار حالتن تي ٻڌل آهي. آصف زرداري چيو ته جنهن کي حڪومت بڻائڻي آهي ان کي پيپلز پارٽي سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون ۽ پارٽي جنهن سان ڳالهيون ڪندي اهو ئي پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان جي لاءِ اهم هوندو. هن چيو ته منهنجو وڪيل ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيندو.