تحريڪ انصاف عمران خان جي قيادت مقبوليت ۾ مسلم ليگ (ن) کان به اڳتي وڌي وئي****”شايد منهنجي قرباني سان قبرستان تان قبضو ختم ٿئي“ نصرپور ۾ شاگرد زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو****اسان جلسا ملتوي نه ڪنداسين، چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿيندا: عمران خان****ڪراچي: سمنڊ ۾ وهنجندي هڪ ٻارڙو ٻڏي ويو، ٻه ڏينهن اڳ ٻڏل نينگر جو لاش هٿ
فٽبال ورلڊ ڪپ: پهرين سيمي فائنل ۾ فرانس بيلجيئم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

پيٽرزبرگ(اسپورٽس نيوز) فٽبال عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ فرانس بيلجيئم کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪوليفائي ڪري ورتو. روس ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جتي سيمي فائنل ۾ وڏيون وڏيون ٽيمون هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائي رهيون آهن. سينٽ پيٽرزبرگ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل عالمي ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ فرانس بيلجيئم کي 0-1 تان  شڪست ڏئي ڇڏي. سيمي فائنل مقابلي ۾ ٻنهي ٽيمن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي گول پوسٽ تي حملا ڪندا رهيا پر پهرين هاف ۾ ڪا به ٽيم گول اسڪور ڪرڻ ۾ناڪام رهي. راند جي 51 هين منٽ ۾ فرانس جي سيموئل گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري جيڪا راند جي پڄاڻي تائين برقرار رهي جڏهن ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جي 5 رانديگرن کي ميچ ريفري يلو ڪارڊ ڏيکاريا. فرانس جو فائنل ۾ مقابلو انگلينڊ ۽ ڪروشيا جي ٽيمن مان اڄ ٿيندڙ سيمي فائنل جي فاتح ٽيم سان 15 جولائي تي ٿيندو.