نئون ديرو لڳ ڀٽا کهڙا تڪرار وري ڀڙڪي پيو، نوجوان ڌنار قتل، هٿياربند 60 ڍور ڪاهي ويا****شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، 28 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر****وينٽي ليشن گهٽ ڪرڻ تي امڙ ردعمل ظاهر ڪندي آهي: مريم نواز****ٽنڊو غلام علي ڀرسان گهريلو تڪرار تان سس ڦاهو کائي ڇڏيو، خوف وچان ننهن به خودڪشي ڪئي
ملڪ اسد ۽ شورن ۾ تڪرار تيز، سڪندر شورو جي جلال شاهه سان ملاقات، اتحاد قائم

ڪوٽڙي/ڄامشورو/سن(نمائندن وٽان) ڪوٽڙي اليڪشن 2018 واري سلسلي ۾ ضلعي ڄامشورو ۾ ملڪ  اسد مخالف اتحاد قائم ڪري ورتو اتحاد ۾ ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاھ پ پ سنڌ جو ناراض ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سڪندر علي شورو ۔ وڏيرو صالح براھماڻي ۔ ملڪ چنگيز جميل باريجو ۽ ٻين پاران سيد ايڊيفس ڄامشورو تي پريس ڪانفرنس ڪئي ھنن چيو ته اسان سيٽ ايڊجسٽمنٽ عوام جي مفادن لاء ڪئي آھي ۽ ضلع ڄامشوري جي عوام کي شخصي سياستدان کان ڇٽڪارو ڏيارڻ آھي ھنن چيو ته گڏيل طور پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ملڪ مخالف اتحاد پاران پي ايس 80 جي اميدوار سيد جلال محمود شاھ  ۔ پي ايس 81 جي آزاد اميدوار صالح برهماڻي پي ايس 82 جي آزاد اميدوار پ پ کان نازاض ڊاڪٽر سڪندر علي شورو سيد ايڊيفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو چيو ته فرد واحد کان جان ڇڏائينداسين ۔ پ پ قيادت جي اھڙي فيصلي خلاف ڪارڪن ناراض آهن ۔ اسان تپيداري ۽ ٽيڪيداري نظام کي ختم ڪرڻ لاء نڪتا آهيو عوام پنهنجا حق پاڻ وٽڻ ڄاڻي ٿو ۔ اسان جي خاندان 40 سال پ پ جي خدمت ڪئي پر اعليٰ  قيادت کي مس گائيڊ ڪري اهڙو فيصلو ڪرايو ويو ۔هنن چيو ته ضلعي مان ڀوتارڪي نظام ختم ڪيو ويندو ۔ عوام جي خدمت جاري رکي ويندي ۔ ڄامشورو ضلعو قدرتي وسيلن سان مالا مال ۽ سنڌو دريا جي ڪناري جي ڪنڌيء تي آهي پر بدقسمتي سان هتي  جي چونڊيل سياسي قيادت جيڪا ڪڏهن پيپلزپارٽي ۾ ڪڏهن جنرل ضياء ۽ ڪڏهن جنرل مشرف جي باقيات جو حصو رهي آهي ۔ انهن ضلعي جي مالي وسيلن ۽ قدرتي ذخيرن تي پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو آهي ۔ جنهن سبب بک بيروزگاري ۽ تباهي هتي جي عوام جو مقدر رهي آهي ۔ جنهن ڪري اڄ جي حالتن ۾ ضروري آهي ۔ ته عوام اسان جو ساٿ ڏئي ته جيئن ضلعي جي عوام تقدير مٽائي سگهجي ۔ هنن چيو ته ڄامشوري اتحاد ۾ جيڪي سياسي جماعتون يا شخصيتون ڄامشورو اتحاد جو حصو ٿيڻ لاء ايندا ته انهن کي ڀليڪار چونداسين ۽ سمورين قوتن کي ڄامشورو اتحاد ۾ گڏ کڻي هلنداسين ۔ هنن چيو ته پ پ جي اميدوارن کي شڪست ڏينداسين ۔