نئون ديرو لڳ ڀٽا کهڙا تڪرار وري ڀڙڪي پيو، نوجوان ڌنار قتل، هٿياربند 60 ڍور ڪاهي ويا****شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، 28 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر****وينٽي ليشن گهٽ ڪرڻ تي امڙ ردعمل ظاهر ڪندي آهي: مريم نواز****ٽنڊو غلام علي ڀرسان گهريلو تڪرار تان سس ڦاهو کائي ڇڏيو، خوف وچان ننهن به خودڪشي ڪئي
ڪراچي کي نامعلوم افراد چنبي مان آزاد ڪرائي چڪا آهيون، پ پ ڪلين سوئيپ ڪندي: بلاول ڀٽو زرداري

 ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پ پ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، بلاول هائوس تي ٿيل اهڙي اجلاس ۾ سينيٽ جي اپوزيشن اڳواڻ شيري رحمان، راشد رباني، وقار مهدي، سعيد غني، جاويد ناگوري ۽ نبيل گبول شرڪت ڪئي جڏهن ته يوسف بلوچ، نجي عالم، خليل هوت، ڪرم الله وقاصي، ناديه گبول، نادر گبول، شڪيل چوڌري ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ ڪراچي اندر پارٽي ۽ عام چونڊن لاءِ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي کي نامعلوم افراد چنڀي مان آزاد ڪرائي چڪا آهيون. پ پ جي اڳوڻي صوبائي حڪومت جي کنيل اپائن سبب ڪراچي ۾ امن بحال ٿيو، ڪراچي جا ماڻهو پهريون دفعو بغير ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجي ووٽ جو درست استعمال ڪندا. هن چيو ته پ پ عوام جي خدمت ڪرڻ سبب اليڪشن ۾ ڪراچي مان سوئيپ ڪندي. پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪراچي ۾ ڀرپور چونڊ مهم جو آغاز ڪن ۽ پارٽي پيغام کي گهر گهر پهچائين. هن چيو ته اسان ڪراچي کي هتان جي رهواسين سميت سڀني لاءِ موقعن سان ڀرپور شهر ۾ تبديل ڪنداسين.