نئون ديرو لڳ ڀٽا کهڙا تڪرار وري ڀڙڪي پيو، نوجوان ڌنار قتل، هٿياربند 60 ڍور ڪاهي ويا****شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، 28 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر****وينٽي ليشن گهٽ ڪرڻ تي امڙ ردعمل ظاهر ڪندي آهي: مريم نواز****ٽنڊو غلام علي ڀرسان گهريلو تڪرار تان سس ڦاهو کائي ڇڏيو، خوف وچان ننهن به خودڪشي ڪئي
ملڪ ۾ چونڊن کان اڳ پهريون ڀيرو خاموشي سان بغاوت شروع ٿي چڪي آهي: فرحت الله بابر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته چونڊن کان اڳ خاموشي سان بغاوت ٿي چڪي آهي. اسلام آباد ۾ اظهار جي آزادي کي پيش ايندڙ خطرن ۽ ايندڙ عام چونڊن جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته عام چونڊن کان اڳ پهريون ڀيرو خاموشي سان بغاوت ٿي چڪي آهي. اها گذريل سمورين بغاوتن کان مختلف آهي، سويلين حڪومت وٽ پاور نه هو، وزيراعظم جي حڪمن کي ٽوئيٽ وسيلي رد ڪيو ويو، پرڏيهي معاملن تي به ٽوئيٽ ڪئي وئي، ڪجهه وڏن چيلينجز کي آف ايئر ڪيو، ڪجهه اخبارن کي رات جي پيٽ ۾ ٺيلن تان غائب ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي به قدغن لڳايو پيو وڃي.  فرحت الله بابر چيو ته ڊان ليڪس ۾ سول حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان ڪجهه معاملن تي صرف خدشن جو اظهار ئي ڪيو هو، خدشن سبب قومي سلامتي ڪيئن متاثر ٿي وئي، سول ۽ ملٽري ۾ اتفاق راءِ ناهي، پارليامان جي قومي سلامتي ڪميٽي سول ۽ ملٽري لاڳاپن ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري، اڳوڻي فوجي سربراهه جي نوي ايڪڙ زمين بابت ٽوئيٽ جي سخت مذمت ڪريان ٿو، توهين عدالت ۽ سائبر ڪرائم ايڪٽ ۾ ترميمون ٿيڻ گهرجن، آرٽيڪل 184 ٽي بابت پارليامان کي قانونسازي ڪرڻ گهرجي، تقريب ۾ پرويز رشيد، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين شرڪت سمينار ۾ شرڪت ڪئي.