نئون ديرو لڳ ڀٽا کهڙا تڪرار وري ڀڙڪي پيو، نوجوان ڌنار قتل، هٿياربند 60 ڍور ڪاهي ويا****شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، 28 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر****وينٽي ليشن گهٽ ڪرڻ تي امڙ ردعمل ظاهر ڪندي آهي: مريم نواز****ٽنڊو غلام علي ڀرسان گهريلو تڪرار تان سس ڦاهو کائي ڇڏيو، خوف وچان ننهن به خودڪشي ڪئي
نااهلي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪندس: شيخ رشيد

راولپنڊي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي  سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ هن بابت جيڪو فيصلو ڪندي اهو کيس قبول هوندو . اهڙن خيالن جو اظهار  هن راولپنڊي ۾ خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته  اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو حق ۽ سچ تي ٻڌل هوندو . هن چيو ته پاڪستان جي معيشت کي بچائڻ جي ضرورت آهي.  اڄ ملڪ ۾  ڊالر 122 رپيا  ٿي ويو آهي.۽ پاڪستان ڪرنسي ڏينهون ڏينهن هيٺ ايندو پيو وڃي . هن جو چوڻ هو ته  الله کان اميد آهي ته  مستقبل جو فيصلو  سچائي جي حق ۾ هجي . منهنجي دل چئي ٿي ته  هو عمران خان سان گڏ حڪومت ٻنائڻ وڃي پيو  ڇاڪاڻ ته چورن ۽ ڦورن  کي سياسي ڌارا  کان ٻاهر  ڪڍي سگهون .